ناليوارو صحافي عارف نظامي لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جو ناليوارو صحافي ۽ اڳوڻو نگران وفاقي وزير عارف نظامي لاڏاڻو ڪري ويو.

عارف نظامي انگريزي اخبار پاڪستان ٽوڊي جي باني ۽ ايڊيٽر ۽ نواءِ وقت اخبار گروپ جي باني حميد نظامي جو پُٽ هو.

عارف نظامي گذريل ٻن هفتن کان لاهور جي مقامي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو جتي هو اڄ زندگي جي جنگ هارائي ويٺو ۽ حقيقي مالڪ سان وڃي مليو.

عارف نظامي جي ڀاڻيجي بابر نظامي، سينيئر صحافي جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته مرحوم دل جي عارضي ۾ مبتلا هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.