افغان سفير جي ڌيءَ جي معاملي جي نتيجي تي پهچڻ وارا آهيون: شاهه محمود قريشي

ملتان(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغان سفير جي ڌيءَ جي مبينا اغوا جي جاچ کان پوءِ نتيجي جي لڳ ڀڳ پهتا آهيون.

ملتان ۾ عيد جي نماز کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته افغان سفير جي ڌيءَ جي تسلي موجب ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، افغان سفير جي ڌيءَ جن ٽيڪسين ۾ ويٺي انهن جي ڊرائيورن جا بيان ريڪارڊ ڪيا.

شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته 700 ڪلاڪن جي فوٽيج جو جائزو ورتو ويو ۽ 250 جي لڳ ڀڳ ماڻهن کان شفاف جاچ ڪئي وئي پر هاڻ اسان ان نتيجي تي پهچي چڪا آهيون، حتمي نتيجي تائين پهچڻ جي لاءِ افغان سفير ۽ هن جي ڌيءَ جو سهڪار گهربل آهي.

هن سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته دشتگردي کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ جاسوس نيٽ ورڪ استعمال ٿيندو آهي، ماڻهن جاسوس نيٽ ورڪ کي ڪنهن ٻئي مقصد جي لاءِ استعمال ڪيو.

فنانشنل ايشڪ ٽاسڪ فورس بابت ڀارتي پرڏيهي وزير جي بيان جي حوالي سان شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته ڀارت امن جي عالمي ايجنڊا ۾ رنڊڪ آهي ۽ افغانستان جي زمين استعمال ڪرڻ چاهي ٿو پر اسان انهن قوتن کي بي نقاب ڪنداسين جيڪي چين ۽ پاڪستان کي لاڳاپن کي متاثر ڪرڻ چاهن ٿيون.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سڀاڻي چين روانو ٿي رهيو آهيان، هڪ ٻن ڏينهن ۾ اهم اڳواڻن سان ملاقاتون ٿينديون، دشمن سي پيڪ کي تڪراري بڻائڻ لاءِ افواهه پيا پکيڙن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.