”ڪشمير چونڊون شفاف ٿيو ته پيپلز پارٽي ڪلين سوئپ ڪندي“

ملتان(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ڪشمير جي اليڪشن شفاف ٿي ته پيپلز پارٽي ڪلين سوئپ ڪندي.

يوسف رضا گيلاني ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران مسلم امت کي عيد جون واڌايون ڏنيون.

اڳوڻي وزير اعظم جو ڳالهين دوران موجوده حڪومت تي تنقيد ڪندي چوڻ هو ته حڪومت هلائڻ هنن جي وس جي ڳالهه ناهي.

هن چيو ته افغان سفير جي ڌيءَ جي گمشدگي خراب خبر آهي، جاچ جاري آهي، اميد آهي ته جلد حقيقتون آڏو اينديون.

هن وڌيڪ چيو ته ڪابل جون حالتون ٺيڪ ٿينديون ته اسلام آباد جون حالتون ٺيڪ ٿينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.