ڀارت فيٽف کي سياسي فورم بڻائي ڇڏيو آهي: حماد اظهر

لاهور(ويب ڊيسڪ) توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته فناشنل ايڪشن ٽاسڪ فورس (فيٽف) مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جي خلاف گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ بڻايو ويو هو پر ڀارت ان کي سياسي  فورم بڻايو ويو آهي.

وفقي وزير حماد اظهر لاهور ۾ پي ٽي آءِ جي ڪارڪن عامر اشرف سان سندس والد جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي حماد اظهر جو چوڻ هو ته فيٽف جي حوالي سان ڀارت جو ڀانڊو ڦاٽي چڪو آهي، فيٽف مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جي خلاف گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ بڻايو ويو هو پر ڀارت ان کي سياسي بڻائي ڇڏيو آهي.

آزاد ڪشمير جي قانون سازي اسيمبلي جي چونڊن جي حوالي سان ڳالهائيندي حماد اظهر جو چوڻ هو ته آزاد ڪشمير ۾ فيش شو يا هٿ هيٺ مٿي ڪري اليڪشن نٿي کٽي سگهجي، آزاد ڪشمير جو عوام وزير اعظم عمران خان تي اعتماد جو اظهار ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف کي ووٽ ڏينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.