سڄي ملڪ ۾ اڄ عيد الاضحيٰ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ عيد الاضحيٰ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي.

ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ عيد جي نماز جا اجتماع ٿيا، ڪٿي مسجدن ۽ ڪٿي کليل ميدانن ۾ به عيد جي نماز ادا ڪئي وئي.

عيد جي نماز جي اجتماعن ۾ پاڪستان جي ترقي، سلامتي، قدرتي آفتن ۽ وبائي مرضن کان بچاءَ جي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون.

عيد جي نماز جي ادائيگي کان پوءِ شهري سنت ابراهيمي جي پيروي ڪندي قرباني جو فرض ادا ڪري رهيا آهن.

وزير اعظم عمران خان عيد الاضحيٰ جي نماز نٿيا گلي ۾ ادا ڪئي، هو عيد جون موڪلون به اُتي ئي گذاريندو.

ذريعن موجب وزير اعظم عمران خان نٿيا گلي ۾ ٻه جانورن جي قرباني ڏيندو.

مخالف ڌر اڳواڻ ۽ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف ۽ جماعت اسلامي جي امير سراج الحق عيد الاضحيٰ جي نماز لاهور ۾ ادا ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.