”اُهو ڏينهن پري ناهي جڏهن پاڪستان ترقي يافته قومن سان گڏ بيٺو هوندو“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته اُهو ڏينهن پري ناهي جڏهن پاڪستان ترقي يافته قوم سان گڏ بيٺو هوندو.

وزير اعظم عمران خان عيدالاضحيٰ جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته عيد تي پاڪستاني قوم ۽ عالم اسلام کي واڌايون پيش ڪيان ٿو.

سندس چوڻ هو ته قرباني جو جذبو عالمگير حيثيت تي ٻڌل آهي، ڪا به قوم اُن وقت تائين ترقي نٿي ڪري سگهي جيستائين ان ۾ قرباني جو جذبو نه هجي.

هن چيو ته اسان جي معيشت درست رخ ڏانهن پئي وڃي، حڪومتي قدمن جي نتيجي معاشي انگ اکر حوصلي جوڳا آهن، مختلف اسڪيمن جي ذريعي ماڻهن کي ريليف فراهم ڪيو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.