ڪراچي ۾ ڪورونا جي ڀارتي قسم ڊيلٽا ويريئنٽ جي شرح 100 سيڪڙو ٿي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڀارت مان پکڙجندڙ ڪورونا جي قسم ڊيلٽا ويرينٽ جي شرح 100 سيڪڙو تائين پهچي وئي.

ڪراچي يونيورسٽي جي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف وائرولجي جي انچارج ڊاڪٽر اقبال چوڌري موجب گذريل ڏينهن 80 نمونن جي جينوٽاپئنگ ڪئي وئي ۽ اُهي سمورا ڪيس ڊيلٽا وائرس جا نڪتا.

هوڏانهن صحت واري وزارت جي اختيارين موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا مثبت ڪيسن جي شرح 6 سيڪڙو کان وڌي وئي آهي ۽ هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 40 ڄڻا وفا سبب لاڏاڻو ڪري ويا آهن جڏهن ته ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جي مثبت ڪيسن جي شرح 16.46 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.

اختيارين موجب گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ 8 هزار 864 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 1393 ڪيس مثبت آيا.

لاهور ۾ به ڪورونا ڪيسن جي شرح ساڍا 6 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي جڏهن ته پنجاب ۾ شرح اڍائي سيڪڙو کان وڌيڪ رهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.