کوسڪي ۾ صحافي جي گهر تي حملو، ڀيڻ زخمي

کوسڪي (ن ع آ) کوسڪي ويجهو ڳوٺ ٽالهو خان ڀرڳڙي ۾ ڳوٺ جي بااثر وڏيرو ماستر محمد خان ڀرڳڙي  ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين کوسڪي  جي رپورٽر جي ڀاڻيجي رضا عباس جي زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ تان هلندڙ تڪرار بعد کوسڪي پوليس جي نااهلي سبب صبح سوير بااثر وڏيرو ماستر محمد خان ۽ سندس ساٿين ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين جي رپورٽرسڪندرعلي ڀرڳڙي جي گهر تي حملو ڪري ننڍ ۾ ستل گهر ڀاتين تي فائرنگ ڪندي رهي ،فائرنگ سبب گهر جي سمورن ڀاتين سميت معصوم ٻارڙن ۾ خوف و حراس ڇائنجي ويو بااثر وڏيري  ۽ سندس ڇارتن ڪهاڙين ۽ لٺيون هڻي ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين رپورٽر سڪندر علي ڀرڳڙي جي ڀيڻ زھده ڀرڳڙي کي شديد زخمي ڪري گارگند ڪندي فرار ٿي ويا، جنهن کي ٽنڊوباگو اسپتال نيو ويو آھي، هوڏانهن کوسڪي پوليس کي اطلاع ڪرڻ جي باوجود هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ عرصو گذرڻ بعد پهتي، واقعي جي اين سي داخل ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.