لاڙڪاڻي لڳ ٻارن جي ڳالهه تان جهيڙو، 4 ڄڻا زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ويجهو پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪجلو خان مڱريو ۾ مڱريا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان  جهيڙو ٿي پيو جتي ڏنڊا، لٺيون، سِروٽا ۽ لوهي سيخون جي حملي ۾ ٻنهي ڌرين سان واسطو رکندڙ چار ڄڻا راجا مڱريو، گدا حسين مڱريو، گڙا خان مڱريو ۽ عبدالجبار مڱريو سخت زخمي ٿي پيا جن کي سندن وارثن ڌار ڌار زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کين طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمين جي وارثن ٻڌايو ته اسان جو پنهنجي ئي مائٽن سان گذريل ڏينهن ٻارن جي معمولي ڳالهه تان تڪرار ٿيو اڄ ساڳي ئي معاملي جي جواز بڻائيندي جهيڙو ٿيو جنهن ۾ ڏنڊا، لٺيون، سِروٽا ۽ لوهي سيخون لڳڻ سبب چار ڄڻا زخمي ٿيا جن کي اسپتال داخل ڪرايو آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.