حيدر آباد ۾ بجلي جي غير قانوني لوڊ شيڊنگ خلاف شهري سراپا احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي علائقن انصاري محلا، عيدگاهه گرائونڊ جي رهواسين رضوي سب ڊويزن لطيف آباد خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي عبدالغني، اختر علي، شعيب قريشي ۽ ٻين چيو ته  سندن علائقن ۾ گذريل 2 مهينن ۾ صرف 12 ڏينهن بجلي هلي آهي، جنهن سبب هو سخت پريشان آهن، جڏهن ته رضوي سب ڊويزن لطيف آباد جا واپڊا ملازم ڪنهن نه ڪنهن بهاني اسان کي سڄو سال رلائي بجلي بند ڪري ڇڏين ٿا، جنهن ڪري سخت گرمي ۾ ننڍڙا ٻچا تڙپي رهيا آهن، پر سندن ڪو به ٻڌڻ وارو ناهي. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائي انصاف ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.