جونگل لڳ شهيد اهلڪار مٽي ماءُ حوالي، ڳوٺ تي چڙهائي، ڍور وڪرو

جونگل /ٺل ( نمائندن وٽان )  ٺل ڀرسان ڳوٺ جان محمد سرڪي ۾ ٻه ڏينهن اڳ جهيڙي دوران شهيد ٿيل پوليس اهلڪار پرويز احمد بنگلاڻي کي پوليس پاران سلامي ڏني وئي،جنهن بعد ٺل ميرپور ٻرڙو روڊ تي  محمد پنجل مهر جي پيٽرول پمپ تي شهيد پوليس اهلڪار پرويز احمد بنگلاڻي جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي،جنهن ۾ ايس ايس پي جيڪب آباد شمائل رياض ملڪ،ڊي ايس پيز،ايس ايڇ اوز سميت علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،جنهن بعد شهيد پوليس اهلڪار کي پوليس اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو،ٻئي طرف ٺل جي بي سيڪشن ٿاڻي تي ايس ايڇ او رفيق احمد کيڙو جي فرياد تي 23 مردن ۽ 9 عورتن سميت 40 کان وڌيڪ ماڻهن جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،جڏهن ته پوليس پاران جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ ڳوٺ يار محمد سومرو ۾ چڙهائي ڪئي،جتي پوليس گهرن ۾ پيل گهريلو سامان،اناج کڻائي وئي،پوليس چڙهائي جي دوران 16 مينهون هٿ ڪيون،جيڪي پوليس پاران جيڪب آباد جي منڊي ۾ وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي،ذريعن ٻڌايو ته شهيد پوليس اهلڪار پرويز احمد بنگلاڻي جي خون مامري تي پوليس ڪمائي جو ذريعو بڻائيندي جوابدارن جي گهرن مان هٿ آيل مينهون ڪاهي جيڪب آباد جي منڊي ۾ وڪرو ڪري ڇڏيون آهن،ٻن مزدن ۾ 16 ڍور ڪاهي جيڪب آباد جي منڊي ۾ پهچايا ويا،پوليس موجب جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون،تمام جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.