ڪشمور لڳ اڻڄاتل شخص جو تشدد ٿيل لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي

ڪشمور(ڊر) ڪشمور راجا رائيس مل وٽ انڊس هاءِ وي روڊ پاسي نامعلوم اڌڙوٽ شخص جو لاش هٿ آيو ڪشمور پوليس لاش تعلقه سول  اسپتال منتقل ڪيو فنگر پرنٽ ورتا ويا لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي مئل حالت ۾ ھٿ آيل شخص جي نراڙ تي ڌڪ ۽ جسم رتورت حالت ۾ نظر اچي رهيو هو ڪشمور پوليس سان رابطو ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته ھٿ آيل نامعلوم لاش کي 36 ڪلاڪ گذري وڃڻ باوجود لاش جي سڃاڻپ نه ٿيڻ تي ڪشمور جي نادر شاهه قبرستان ۾ لاوارث حالت ۾ لاش دفنايو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.