ڏوڪري لڳ سڱاوتي تڪرار، تشدد جا الزام، هڪٻئي خلاف احتجاج

ڏوڪري ( رپورٽ: قاضي آفتاب ) موهن جو دڙو ڀرسان ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي معاملي تان تڪرار تان  ڌرين احتجاج ڪندي ھڪ ٻئي تي الزام مڙهيا آهن، هڪ ڌر پاران  ٻئي ڌر تي سندن 20 ڏينهن اڳ پرڻايل ناري تي تشدد ڪرڻ جا الزام هنيا ويا آهن جڏهن ته ٻئي ڌر پاران 10 مهينن جي ٻارڙي کي مارڻ جي ڌمڪين جا الزام مڙهيا ويا آهن ان ڏس ۾  ٻلهڙيجي ۾ ماڇي برادري جي 2 ڌرين ۾ هلندڙ سڱاوتي تڪرار تان هڪ ڌر جي ڳوٺاڻن علي حسن، وحيد علي، عمراه خاتون، ڀان خاتون ۽ ملوڪان خاتون ماڇي موهن جو دڙو جي مکيه گيٽ اڳيان احتجاج ڪندي ٻڌايو آهي هنن ناري ڀان خاتون کي 20 ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ پرڻائي ڏنو جتي ناري کي سندس سهري خادم ماڇي  سخت تشدد جو نشانو بڻايو ۽ ناري کي مارڪٽ ڪرڻ بعد هنن وٽ ڇڏي ويو آهي نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي هوڏانهن  ٻي ڌر جي خادم ماڇي، ڪاشف،خالد ماڇي ۽ ٻين مخالفن تي الزام هنيو آهي ته کين ڌمڪيون پيا ڏين ته سندن ناري ريما ماڇي جي 10 مهينن جي ڌيءُ کي ماري ڇڏيندا،  سندن ناري ريما بابت به نه ٿو ٻڌايو وڃي ته اها ڪهڙي حال ۾ آهي . جنهن ڪري  کين خطرو آهي ته مخالف ڌر جا ماڻهو سندن ناري ريما ۽ ان جي معصوم نياڻي کي ڪو نقصان نه پهچائن. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي  آهي ته ناري ريما کي ٻئي ڌر وٽان آزاد ڪرائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

ٽنڊو مستي لڳ پسند پرڻو ڪندڙ نوجوان تي فائرنگ، ڪراچي منتقل

ٽنڊومستي (ن ع آ ) ٽنڊومستي لڳ کهڙا ٿاڻي جي حد ڊرٻ ميهر شاھ واسي نوجوان عبدالمجيد اڄڻ مٿان هٿيار بندن پسٽل جا سڌا فائر ڪري مرڻينگ حالت ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا، جنهن کي وارثن ڳڻتي  جوڳي حالت ۾ علاج لا۽ گمس اسپتال گمبٽ پهچايو،  جتان ڊاڪٽرن پاران زخمي نوجوان جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کيس سول اسپتال ڪراچي منتقل ڪيو ويو، جتي زخمي نوجوان جو علاج هلندڙ آهي، ٻئي طرف واقعي جو ڪيس کهڙا ٿاڻي تي 3 جوابدارن عبدالجبار، گلزار ۽ راجا اڄڻ خلاف داخل ڪيو ويو، نوجوان جي ڀاءُ نورالدين اڄڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندس ڀاءُ عبدالمجيد ٻه مهينا اڳ برادري جي ناري شھزادي اڄڻ سان خيرپور جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪيو هو، جنهن جو اڳوڻي يوسي  ڊرٻ ميهر شاھ جي چيئرمين علي شير اڄڻ جي سرپئنچي ۾ برادري جرڳو ڪوٺائي ناري کي وارثن حوالي ڪيو ويو هو تنهن باوجود جوابدارن منهنجي ڀاءُ کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ظلم ڪيو آھي، ان موقعي تي هن وڌيڪ آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي حملي آور جوابدار گرفتار ڪيا وڃن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.