نوابشاهه ۾ مڇي وڪرو ڪندڙ دڪاندار ۽ گراهڪ ۾ جهيڙو، گراهڪ زخمي

نوابشاهه(ڊ ر) مڇي پوري ڇو نه ڏنئي گراهڪ پاران دڪاندار کان پڇاڻو ڪرڻ تي دڪاندارن جو مڇي خريد ڪرڻ لاء آيل گراھڪ تي  ڇرين سان حملو ڪري ڏنو جنھن سبب راجا اوڏ سخت زخمي ٿي پيو جن کي نوابشاه جي پيپلز ميڊيڪل اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو جتي زخمي صحافين کي ٻڌايو ته مان مڇي خريد ڪرڻ لاءِ آيس ته دڪاندار طور ۾ ٺڳي ڪئي ۽ مڇي گھٽ ڏني جنهن تان مان دڪاندار سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته مڇي وڪرو ڪندڙ دڪاندارن مون مٿان حملو ڪري ڇريون هڻي زخمي ڪيو، هن چيو ته مون مٿان حملو ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڏنو وڃي.

 اسسٽنٽ ڪمشنر  ٽنڊو آدم پاران شهر جو دورو صفائي جا انتظام ڏٺا

ٽنڊوآدم ( ن ع آ ) ٽنڊوآدم ۾ عيدالاضحى جي موقعي تي شهر اندر خريداري لاءِ  ايندڙ عوام جي سهولتن لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر اعجاز جتوئي ، اي ايس پي  اياز حسين جتوئي ميونسپل ڪميٽي جي او ايس ناصر قريشي، چيف آفيسر عمران سمون ، انجمن تاجران اڳواڻن محمد اقبال ڀٽي ، حبيب بهلم ، ، نوشاد شيخ ۽ ٻين شهر جي مک بازارن سميت ايم اي جناح روڊ جو دورو ڪيو دڪاندارن پاران غير قانوني ٻاهر رکيل سامان دڪانن اندر ڪرايو ۽ غير قانوني بيٺل ريڙهن کي هٽايو ۽ وچ روڊ تي ٻيٺل موٽر سائيڪلن ۽ ڪارن کي چالان ڪيو اي ايس پي اياز جتوئي پاران ٽريفڪ انچارج کي سختي سان هدايت ڪئي ته ٽريفڪ قانون جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي

مٽياري جي  سينيئر صحافي عبدالغفور ميمڻ جي سالگرهه ملهائي وئي

ھالا (ن ع آ) مٽياري ضلع جي  سينيئر صحافي، سماجي ورڪر عبدالغفور عرف ادا ڀائو ميمڻ  جي سالگراھ متياري، هالا،ڀٽ شاهه جي پريس ڪلبن ۾ جوش و جذبي سان ملهائي ويئي، ان سلسلي ميڊيا سينٽر مٽياري، هالا ميڊيا سينٽر ۾ الڳ الڳ سالگره جا ڪيڪ ڪاٽيا ويا، سالگره تقريب ۾ مقامي صحافي دوستن سميت علائقي جي معزز شخصيتن سياسي، سماجي، علمي و ادبي شخصيتن وڏي انگ شرڪت ڪئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.