خيرپور پوليس بيمار شاگرد کي هاف فراءِ ڪري جيل موڪلي ڇڏيو، وارثن جو احتجاج

خيرپور(ڊر)  شاهه لطيف پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي ڪوڙل خان جا رهواسي بي سيڪشن ۽ اي سيڪشن پوليس جي ظلم خلاف صحافين اڳيان احتجاجي ڪيو ان سلسلي ۾ شاگرد جي ماءُ مسمات شبير فاطمه موريجو ،  هدايت خاتون، الهرکيو، ڪاظم علي موريجو احتجاجي ڪندي صحافين کي ٻڌايو 10 ڪلاس جو شاگرد عقيل موريجو جو دماغي توازن گذريل ٽن سالن کان صحيح نه هو جنهن جو اسان علاج خيرپور جي مشهور ڊاڪٽر مختيارلاکو کان ڪرائيندا آهيون، ڪجهه ڏينهن اڳ اي سيڪشن پوليس ۽ بي سيڪشن پوليس اسان جي نوجوان کي رستي مان پڪڙي ان کي لاڪپ ڪري ٻن ڏينهن لاڪپ ۾ رکي ان کي هاف فرائري ڪري مٿس ڦر جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري جيل اماڻي ڇڏيو آهي، هنن چيو ته اسان جو نوجوان درويش قسم جو ماڻهو آهي، پوليس اسان سان زيادتي ڪئي آهي، اسان وٽ شاگرد جا ٽن سالن جا علاج جا ڪاغذ به موجود آهن ته درويش آهي، هن ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ان معاملي جي نڪوائري ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس اکيان پاڻ کي باهه ڏئي ساڙينداسين .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.