سجاول لڳ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ ڪري پيءٌ پٽ فوت

سجاول   ( ڊ ر ) سجاول لڳ ڳوٺ بچو سهتو ۾ گهر جي بجلي ٺاهيندي نوجوان صفر سهتو ۽ سندس پيءُ جعفر سهتو بجلي مان ڪرنٽ لڳڻ  سبب فوت ٿي ويا آهن، معلوم ٿيو آهي ته نوجوان پنهنجي گهر جي خراب ٿيل  بجلي جي وائرنگ ٺاھي رھيو ھو ته کيس اوچتو ڪرنٽ لڳو جنهن کي بچائڻ لاءِ ايندڙ سندس پيءُ  پڻ بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو، فوتي پيءُ ۽ پٽ جي لاشن کي سول  اسپتال سجاول آندو ويو، جتي  ضروري ڪاروائي بعد لاش سندن وارثن حوالي ڪيا ويا، ٻنهي پيءُ ۽ پٽ جا لاش ڳوٺ بچو سهتو پهچڻ تي گهر اندر ڪهرام مچي ويو جنهن سبب سڄي ڳوٺ ۾ عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون ۽ سوڳ وارو ماحول ڇائيجي ويون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.