سيوهڻ لڳ ٽئنڪر هيٺان اچي نوجوان فوت

سيوھڻ(ن ع آ) سيوھڻ جي باء پاس انڊس ھاء وي تي دبئي ھوٽل وٽ موٽر سائيڪل جو رڪشي سان ٽڪر ٿيڻ بعد پٺيان ايندڙ پاڻي جو  ٽينڪر ھيٺيان اچڻ سبب موٽر سائيڪل سوار سيوھڻ واسي 19 ورھين جو نوجوان عيدن ولد رحمت الله پرارو موقعي تي فوت ٿي ويو فوتي نوجوان جي مڙھ کي سيوھڻ جي سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آندو ويو. جتي فوتي نوجوان جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ ۽ ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو نوجوان جو مڙھ گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو ۽ سندن عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون ٻئي طرف سيوھڻ پوليس موجب رڪشو ۽ ٽينڪر ۽ انھن جي ڊرائيورن کي پوليس تحويل ۾ وٺي ۽ اين سي داخل ڪئي وئي آھي جڏھن ته حادثي جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاء وڌيڪ جاچ جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.