ڪوٽڏيجي لڳ ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، هڪ فوت ٻه عورتون زخمي

خيرپور ( س ر )  خيرپور ڀرسان ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد ڪوٽڏيجي ۽ ٽنڊومستي لنڪ روڊ ڳوٺ بکو لاشاري اسٽاف وٽ  تيز رفتار ڪار سامهو  ايندڙ موٽر سائيڪل سوارن کي اور ٽيڪ ڪندي زور دار ٽڪر هنيو ،جنهن جي تنيجي ۾ موٽر سائيڪل ڊائيور گمبٽ تعلقي جي ڳوٺ بهارو جو رهواسي عبدالباسط سومرو موقعي تي فوت ٿي ويو ، جڏهن ته موٽر سائيڪل سوار ٻه عورتون ( ا س ) ۽ ( ن خ س ) موقعي تي زخمي ٿي پيون ،علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت زخمين عورتن کي مقامي اسپتال طبي امداد لاءِ پهچائي ڇڏيو ،جڏهن ته اطلاع تي ٽنڊومستي پوليس ڪيترا ئي ڪلاڪ گذرڻ بعد فوتي جو مڙه کڻائي سول اسپتال خيرپور مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي ،آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو  نه ئي ڪا گرفتاري عمل اچي سگهي هئي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.