جيڪب آباد ۾ سي آءِ اي اهلڪار خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

جيڪب آباد ( ڊ ر ) جيڪب آباد ۾ ٽالاڻي برادري جو ڊومڪي ويلفيئر جي صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري لياقت ٽالاڻي جي اڳواڻي ۾ سي  آءِ اي اهلڪار رحيم بخش جکراڻي جي زياديتن خلاف هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاج، هن موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته  پهلوان فقير وٽ سي آءِ اي اهلڪار رحيم بخش جکراڻي  ٻه ٻين ٻٽ ٻڌل اهلڪارن سان گڏجي راھ ويندڙ تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد محمد ملوڪ ٽالاڻي کي هٿيارن جي زور تي زبردستي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي جتي متاثر نوجوان جي رڙين تي اهلڪارن ڀڄي جان ڇڏائي، انهن وڌيڪ چيو ته پوليس جو ڪم آھي عوام جي جان و مال جي حفاظت ڪرڻ پر هتي رحيم بخش جهڙا ڪارا رڍ سرعام ڏينهن ڏٺي جو رشوت عيوض شاگردن کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پوري پوليس کاتي جي بدنامي جو سبب بڻجي رهيا آھن، آءِ جي سنڌ پوليس، ايڊيشنل آءِ جي، آر پي او سکر، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد کان معاملي جي سخت نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.