ڄامشوري مهراڻ يونيورسٽي جي صلاحڪار پروفيسر ڀواني شنڪر جا ڪاغذ منظور

ڄامشورو( ڊ ر ) پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي گورننگ باڊي جي چونڊ لاءِ مهراڻ يونيورسٽي جي صلاحڪار پروفيسر ڊاڪٽر ڀواني شنڪر چوڌري جا نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي ويا آهن،ان سلسلي ۾ پروفيسر ڊاڪٽر ڀواني شنڪر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل 36 ورهين کان انجنيئرنگ جي ميدان ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهيان، هن وقت تائين انجنيئرنگ جي گريجوئيٽس جي ڪيريئر ڪائونسلنگ لاءِ 400 کان وڌيڪ عالمي توڙي ملڪي سطح تي ورڪشاپ، سيمينار ۽ ٻيا پروگرام ڪرائي چڪو آهيان، سوين شاگردن کي ٻين ملڪن ڏانهن اسڪالرشپ تحت اماڻيو آهي جيڪي اتان پنهنجن شعبن ۾ سکيا حاصل ڪري آيا آهن. ڊاڪٽر ڀواني شنڪر چوڌري وڌيڪ چيو ته هن پنهنجي شاگرد ڊاڪٽر جنيد شيخ سان گڏجي نوجوانن جي رهنمائي لاءِ “ڪيريئر روڊ ميپ گائيڊ فار انجنيئرس“ ڪتاب لکي چڪو آهي، جنهن مان هزارين انجنيئر فائدو وٺي چڪا آهن

آمريڪا ۾ سون جي قيمتن ۾ گهٽتائي

نيويارڪ -13 جولاءِ (اي پي پي ) آمريڪا ۾ سون جي قيمتن ۾ گهٽٽائي ٿي آهي . ان جو سبب سيڙپڪارن طرفان اوسر واري شرح بابت ڊيٽا رپورٽ جو انتظار آهي . نيويارڪ ۾ وقفي کان پوءِ اسپاٽ گولڊ جي قيمت 0.2 سيڪڙو گهٽجي 1804.80 ڊالر في اونس رهي . آمريڪي سون جا سودا 0.3 سيڪڙو گهٽجي  1805.90 ڊالر في اونس ۾ طئي ٿيا .

گذريل 24 ڪلاڪن دوران 43 هزار 790 ڪورونا ٽيسٽون ڪيون ويون

اسلام آباد (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 43 هزار 790 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن. قومي صحت واري وزارت طرفان جاري ٽوئٽ جي انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران 43 هزار 790 ٽيسٽون ڪيون ويون هيون جن مان 1590 ماڻهن جي ٽيسٽ پازيٽو آئي آهي. اهڙي طرح گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪيل ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ جي شرح 3.63 سيڪڙو رهي آهي. ان دوران ڪورونا وائرس سبب فوتگين جو انگ 21 رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

سيڙپڪاري بورڊ چيني سيڙپڪاري لاءِ مناسب ماحول جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي:اڳواڻ

اسلام آباد (اي پي پي) سيڪريٽري بورڊ آف انويسٽمنٽ (بي او آءِ) فرينه مظهر چيو آهي ته سيڙپڪاري بورڊ چيني سيڙپڪاري  لاءِ مناسب ماحول جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. اڱاري تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته چيني ۽ پاڪستاني گڏيل منصوبن لاءِ 13 چيني ۽ 60 پاڪستاني واپارين داخلا ڪرائي آهي جڏهن ته سيڙپڪاري بورڊ واپاري ڪميونٽيز جي مدد لاءِ چين ۾ 8 اعزازاي بزنس صلاحڪارن جي مقرري ڪئي آهي. هن چيو ته 9 خاص اقتصادي زونز مان ٽن تي ڪم جاري آهي جڏهن ته رڳو رشڪئي خاص اقتصادي زون 260 ملين آمريڪي ڊالر جي سيڙپڪاري حاصل ڪئي آهي. سيڪريٽري فرينه مظهر چيو ته سيڙپڪاري بورڊ 2023 تائين ملڪ ۾ 50 ارب ڊالر بين الاقوامي سڌي ريت سيڙپڪاري جو ڌيان ڇڪرائڻ جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ٽيڪسٽائل، پي پي ايز، زراعت، صنعت، آٽو موبائل، لاجسٽڪ ۽ راندين سميت معيشت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ٿيندا.

ڪوٽڙي مان پورهيت پراسرار طور گم

ڪوٽڙي(ت ر) ڪوٽڙي پورهيت نوجوان ٽن ڏينهن کان پراسرار نموني گم وارث پريشان  حد جي ٿاڻي تي اين سي  داخل ڪوٽڙي  سائيٽ  بروهي چوڪ جو رهواسي 18ورهين جو نوجوان پورهيت جواد ملاح گذريل ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿي ويو وارثن پاران اهڙي رپورٽ  حد جي پوليس پوسٽ تي داخل ڪرائي وئي آھي  رابطي ڪرڻ تي سندس وارثن ٻڌايو تہ جواد ملاح ڪوٽڙي ۾ فروٽ جو ٺيلهو هلائيندو هو خميس جي صبح جو فروٽ وٺڻ لاء نڪتو جنهن بعد سڄو ڏينهن گهر نہ پهتو مسلسل ڳولا باوجود پتو پئجي ناهي سگهيو جنهن سبب گهر ۾ ڪھرام متل آهي هنن ايس ايس پي ڄامشورو سميت وس وارن کي نوجوان جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي وئي آھي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.