بهارو لڳ باغ تي ڪم ڪندڙ پورهيت گرمي ۾ فوت، ٻيو بيهوش

راضيديرو ( ن ع آ ) راضيديرو ۾ قهر جي گرمي سبب هڪ نوجوان فوت، ٻيو بيهوش ٿي ويو. ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته بهارو ۾ کجين جي باغ تي ڪم ڪندڙ مزدور ڊاٽسن ۾ سوار ٿي پنهنجي گهرن ڏانهن وڃي رهيا هئا ته  گرمي سبب رستي ۾  بيهوش ٿي ويا جن کي راضيديرو جي نجي اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽر فوتگي جي تصديق ڪئي، جڏھن ته فوتي ۽ بيهوش ٿيل مزدور لاڙڪاڻو جا ڀٽا ٻڌايا پيا وڃن، سندن نالو معلوم نه ٿي سگهيو هو.

شاهه سلمان پاران تيونس کي ڪووڊ 19-ويڪسين جون 10 لک خوراڪون فراهم ڪرڻ جي هدايت

رياض (اي پي پي ) خادم الحرمين الشرفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز سعودي عرب طرفان تيونس کي ڪووڊ -19 ويڪسين جون 10 لک خوراڪون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي . سعودي اخبار موجب هن تيونسي صدر پروفيسر  قيس  سعيد جي درخواست تي شاهه سلمان امداد  ۽ ريلف مرڪز کي ڪورونا وائرس جي ويڪسين کان علاوه دوائون ۽ طبي سامان فراهم ڪرڻ جو حڪم نامو جاري ڪيو آهي ته جيئن اهو غريب ملڪ ان موتمار وبا سان منهن ڏئي سگهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.