سکر ۾ چڙهائي، عورتن ۽ ٻارن تي تشدد، هڪ گرفتار، احتجاج

سکر(رپورٽ:اظهر علي دايو) سکر جي نئون پنڊ جي پوليس نئون پنڊ واري علائقي ۾ آل پاڪستان گڏاڻي اتحاد جي سکر جي چيئرمين اڳوڻي پوليس اھلڪار محمد مراد گڏاڻي جي گھرن تي چڙھائي ڪري عورتن ۽ ٻارن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد 1  ڄڻي وسيم گڏاڻي کي گرفتار ڪري ورتو آھي. وارثن جي احتجاج بعد نئون پنڊ پوليس وسيم گڏاڻي کي آزاد ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ آل پاڪستان گڏاڻي اتحاد جي چيئرمين محمد مراد گڏاڻي احتجاج ڪندي چيو آھي ته نئون پنڊ ٿاڻي جي وڏو منشي خليق مھر جي اڳواڻي ۾ پوليس اٽالن سندن گھر تي چڙھائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پامال ڪري گھر ۾ ويٺل عورتن، مردن ۽ ٻارن تي سخت تشدد ڪري 1 ڄڻي وسيم گڏاڻي کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو هو. بعد ۾ پوليس 20 ھزار روپيا رشوت وٺي وسيم کي آزاد ڪيو آھي. پوليس چڙھائي دوران گھر ۾ پيل 20 ھزار روپيا ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري وئي آھي. ھنن چيو ته پوليس چڙھائي دوران مارڪٽ ڪرڻ سبب وسيم گڏاڻي زخمي ٿي پئي آھي. ھن اي آءِ جي سکر، ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او امجد مغل ۽ وڏو منشي خليق مھر خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. ٻئي صورت ۾ آل پاڪستان گڏاڻي اتحاد پاران سڄي سنڌ ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.