سنڌ جي کنڀيل وطن دوستن کي آزاد ڪريو:اي جي پي

گلشن اقبال (ن ع آ ) ع ج پ مرڪزي اڳواڻ غلام قمبر حاجاڻو چيو آهي ته بحريا ٽائون جي اسيرن جي قانوني مدد ڪرڻ تي ليگل ايڊ ڪميٽي  جي وڪيل دوستن کي جس ڏجي ٿو ڇاڪاڻ بغير فيس جي قومي جذبي تحت  بي گناهه قيد ڪيل ساٿين جي ضمانت لاءِ ڀرپور ڪوششون هڪ ساراهه جوڳو عمل آهي اميد ته اهو عمل جاري رهندو هن وڌيڪ چيو ته سينگار نوناري جي گمشدگي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي لڳ ڀڳ هڪ مهيني کان نصير آباد جو عوام ستو نه آهي مسلسل ڀرپور احتجاج مان ثابت ٿيو آهي ته سينگار پورهيتن جو آواز ۽ غريبن جو يار هو سينگار نوناري جي ماءُ، گهرواري، ڀيڻ سراپا احتجاج بڻيل آهن متاثر خاندان سان انصاف لاء سڄي سنڌ جاڳي احتجاج پئي ڪري جيڪڏهن سڄي جاڳندي ته پوءِ ماڻهن کي گم ڪندڙ سمهي نه سگهندا جيڪڏهن ڪنهن به شهري جو ڏوهه آهي ته ان خلاف ملڪ جي قانون مطابق ڪاروائي ڪئي وڃي گمشدگين سان سنڌ ۾ وڌيڪ احساس محرومي پيدا ٿيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.