جيڪب آباد ۾ نيب عملدارن تي تشدد ۾ گرفتار اڳواڻ عدالت ۾ پيش

جيڪب آباد (ڊ ر) جيڪب آباد ۾ نيب عملدارن کي يرغمال بڻائڻ ۽ تشدد ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ٿيل صوبائي صلاحڪار مير اعجاز  حسين جکراڻي جي سئوٽ مير ولي خان جکراڻي ۽  پ پ اڳواڻن ديدار جکراڻي، سجاد عرف ٽوني مستوئي، جاويد بروهي، ارسلان لاشاري، عابد ڀٽي کي پوليس جيڪب آباد ۾ امتياز لاکير جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي گرفتار ٿيلن پ پ اڳواڻن جي وڪيل ضمانت جي درخواست ڪئي پر عدالت سڳوري وڪيل جي ڏنل ضمانت واري درخواست رد ڪندي سڀني جوابدارن کي ڊسٽرڪٽ جيل موڪلڻ جو حڪم ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.