ڏوڪري ۾رتوديرو پوليس جي چڙهائي، ٻن عورتن سميت ٻارڙي کنڀي ويا، احتجاج

ڏوڪري ( رپورٽ: قاضي آفتاب ) رتوديرو پوليس  ڏوڪري ۾ چڙهائي ڪري ٻن عورتن کي ٻارڙي سميت کنڀي وئي، جن کي بعد ۾ آزاد ڪيو ويو، جڏهن ته ڏوڪري واسي امتياز جلباڻي خلاف مقابلي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي متاثر ڌر  پوليس خلاف احتجاج ڪيو آهي ان ڏس ۾ ڏوڪري شهر جي رهواسي امتياز جلباڻي پنهنجي گهر واري ۽ ٻارڙن سميت احتجاج ڪندي ٻڌايو آهي  رتوديرو پوليس ايس ايڇ او احسان بليدي جي اڳواڻي ۾ گهر تي چڙهائي ڪري چادر ۽ چوديواري تقدس پائمال ڪندي  منهنجي گهر واري، منهنجي ڀيڻ ۽ منهنجي 8 سالن جي پٽ کي کنڀي کڻي وئي گهر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري گهر ۾ پيل 5 لک 80 هزار رپيا روڪ رقم، موبائلون، قيمتي ڪپڙا، سونا زيور، هٿيارن جا لائسنس ۽ ٻيو سامان به کڻي وئي پوليس جي اهڙي عمل خلاف  سيشن ڪورٽ لاڙڪاڻي ۾ اھڙو ڪيس پڻ داخل ڪرايو جنهن بعد رتوديرو پوليس مونتي ڏمرجي پئي آهي مون تي پوليس مقابلي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي, ھن وڌيڪ ٻڌايو ته روڊ حادثي سبب مان ڪافي عرصي کان معذور بڻيل آهيان چيو ته ڪيتري ئي عرصي کان روڊ حادثي ۾ معذور آهيان پوليس وڏي ناجائزي ڪئي آهي. نوٽيس وٺي مون سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن چيو وڃي ٿو ڪٽوهر جلباڻي تڪرار تان پوليس ڏوڪري ۾ ڪارروائي ڪئي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.