ضلعي ٺٽي جي زمينن جو وڪرو

اداريو

سنڌ جي زمينن جي نيلامي ڪري، قبضن ۽ وڏين رهائشي اسڪيمن  ذريعي شهر اڏي سنڌي عوام کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون سازشون جاري آهن، ان سلسلي ۾ گذريل 6- جون تي ڪراچيءَ ۾ بحريه ٽائون جي سامهون لکين سنڌي ماڻهن سواءِ ڪنهن پارٽي وابستگيءَ جي فقط سنڌ جي تحفظ ۽ دفاع لاءِ گڏ ٿي ڌرڻو هنيو، جنهن کي پاڪستان جي هر علائقي جي ساڃاهه وندن نه صرف ساراهيو پر سنڌي عوام سان ٿيندڙ اهڙي ظلم جي خلاف احتجاج ڪندي سنڌي عوام سان ٻڌيءَ جو اعلان ڪيو، بحريه ٽائون خلاف  احتجاج اڃان جاري ئي آهي ته ضلعي ٺٽي ۾ جهمپير جي ڪوهستاني پٽيءَ جي هزارين ايڪڙ زمين ڄام شورو ضلعي ۾ ڄاڻائي وڪرو ڪرڻ جا اطلاع آهن.

اطلاعن موجب نوري آباد جي صنعتي اداري ويجهو ٺٽي ضلعي جي ڪوھستاني پٽي جي ديهھ ڪوهستان 7 ڀاڱي 1 تپو جهمپير جي مڪان گوگڙو ۽ کاريون جي زمين ڪلو کوهر جي 5 ھزار ايڪڙ زمين تعلقي ٿاڻو بولا خان ضلعي ڄامشورو ۾ ڄاڻائي وئي آهي، ماپ ۽ نقشي جي تياري دوران انڪشاف ٿيو آهي ته  ڄاڻايل  زمين ڏيڍ ميل تائين ٺٽي جي ڪوهستاني حدن اندر آهي، جيڪا اووَر ليپ ڪري ڦير ڦار ڪري جامشورو ضلعي ۾ ڄاڻائي وئي آهي، اهڙو عمل  بااثر لينڊ مافيا ۽ بروڪرن روينيو عملي سان ملي ڀڳت ذريعي ڪيو آهي. رڪارڊ ۾ هيراڦيري ڪرائي جهمپير جي اربين روپين جي 5 هزار ايڪڙ ايراضي زمين نوري آباد جي سرمائيدارن کي وڪرو ڪئي وئي آهي.اهڙي انڪشاف بعد جهمپير ۽ ٺٽي جي سڄاڻ ڌرين ۾ ڪاوڙ جي لھر ڇانيل آهي، ڪوھستان واسين عيد بعد ٺٽو ڄامشورو دنگ تي ڌرڻو ھڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ٻئي پاسي اطلاع اهي به آهن ته سنڌ جي وڏي وزير  روينيو ريڪارڊ ۾هيرا ڦيري ڪري زمين وڪرو ڪرڻ واري اهڙي عمل جو نوٽس ورتو آهي.

سنڌ جي زمينن تي قبضن جي ڪهاڻي ڪا نئين نه آهي، هاڻي صورتحال اها آهي جو سنڌ جي اصلوڪن رهواسين لاءِ نه ته شهرن ۾ رهڻ لاءِ زمين بچي آهي ۽ نه ئي وري ڳوٺن ۾ کيڙڻ لاءِ ڪا زمين بچي آهي، جهمپير جي ڪوهستاني پٽيءَ جي پنج هزار ايڪڙ زمين کي هيرا ڦيريءَ ذريعي ڄامشوري ۾ ڄاڻائي، نوري آباد جي بااثر صنعتڪارن کي وڪرو ڪرڻ واري عمل جي انڪشاف بعد اطلاعن موجب سنڌ جي وڏي وزير پڻ نوٽس ورتو آهي، اهڙي صورتحال ۾ سوال ٿو پيدا ٿئي ته سنڌ جو وڏو وزير ، اصولي طور تي سنڌ جو حڪمران آهي، ان جي نوٽس وٺڻ واري اطلاع مان اها ڳالهه ته پڪي ٿئي ٿي ته کيس اهڙي هيراڦيري ۽ زمين جي وڪري جي ڪا سُڌ نه آهي، ته پوءِ اهي ڪهڙيون طاقتون آهن جيڪي سنڌ جون هزارين ۽ لکين ايڪڙ زمينون ريوينيون ريڪارڊ ۾ هيراڦيري ڪري وڪرو ڪن ٿيون.

سنڌ جي زمينن جي نيلامي ۽ قبضن متعلق اسان جو اڳ به موقف اهو رهيو آهي ته سنڌ هڪ تاريخي وطن آهي جنهن جي جاگرافيائيءَ جي چپي چپي تي تهذيب جا نشان آهن، اهڙي صورتحال ۾ سوين ۽ هزارين ايڪڙ زمين وڪرو ڪرڻ سان تهذيب جا اهي نشان به ميسارجي وڃن ٿا ته انهن علائقن جا اصلوڪا ڌڻي پنهنجي تهذيبي ورثي کان به محروم ٿي وڃن ٿا، جڏهن  انهن علائقن ۾ ڌارين آبادڪاري سنڌي عوام کي اقليت ۾ تبديل ڪري انهن جي سياسي اقتدار تي قابض پڻ ٿئي ٿي.

زمين دنيا جي ڪنهن به وطن، ملڪ ۽ قوم جي هُجي اها ريئل اسٽيٽ پراپرٽي نه هوندي آهي جو جنهن کي وڻي ڪنهن کي به وڪڻي ڏئي، زمين جي استعمال جا دنيا جي هر ملڪ ۾ قاعده ۽ اصول آهن ۽ اهي تقريبن ساڳيا ئي آهن ۽ انهن کي دنيا جي گڏيل قومن جي اداري پڻ تسليم ڪيو آهي، انهن قاعدن ۽ ضابطن ۾ اهم قاعدو هي آهي ته زمين جو ڪهڙو به علائقو هُجي، ڪهڙي به ملڪ ۽ قوم جو هُجي اها اتان جي اصلوڪي عوام جي قومي ملڪيت آهي، جنهن تي پهريون ۽ آخري حق انهن جو آهي. ٺٽي جي زمينن جي اهڙي وڪري واري انڪشاف بعد سنڌ جي وڏي وزير جيڪو نوٽس ورتو آهي، اهو ساراهڻ جهڙو عمل آهي اسان جي کيس گذارش آهي ته سنڌ جي هر علائقي، ضلعي، تعلقي ۽ ڳوٺ ۾ سرڪاري زمين تي ٿيل قبضن جو نوٽس وٺي ۽ ايوان مان سنڌ جي زمين جي مالڪيءَ ۽ وڪري متعلق ڪا قانون سازي ڪرائي سنڌ وطن جي جاگرافيائيءَ کي هميشه لاءِ محفوظ ڪري.

ڪورونا ۽ عيد الاضحى

پاڪستان ۾ ڊيلٽا ٽائپ ڪورونا جي پکڙجڻ جا اطلاع آهن، ۽ چيو اهو ٿو وڃي ته ڪورونا جو هي قسم هندستان کان پاڪستان آيو آهي، جيڪو ڪورونا جي گذريل قسم کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، ڪورونا جي گذريل قسم، پاڪستان ۾ جيڪا تباهي مچائي هُئي اها سڀني جي سامهون آهي ۽ هن وقت تائين ملڪ ان جو ڌڪ پچائي نه سگهيو آهي، مٿان هي ڊيلٽا ڪورونا جنهن جي لپيٽ ۾ اچي ڪري هندستان ۾ هزارين  شهري اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن ۽ هندستان جي معيشت کي اربين روپين جو نقصان پهچي چڪو آهي،

ڪورونا جي چوٿين لهر دوران عيد الاضحى جو موقعو به اچي ويو آهي جنهن ڪري وفاقي حڪومت سميت سنڌ حڪومت اڳ ئي عوام کي ايس او پيز ته سختيءَ سان عمل ڪرڻ لاءِ تاڪيد ڪري چڪيون آهن، پر عملي طور تي اها ڳالهه بلڪل به واضع آهي ته عوام وفاقي توڙي سنڌ حڪومت جي اهڙين ڪن به هدايتن ۽ تنبيهن تي ڪو به ڌيان نه ڏئي رهيو آهي لڳي ٿو ته عيد جي ڏينهن به اهڙين ڪن به هدايتن تي عمل نه ڪيو ويندو. سوال هي آهي ته جيڪڏهن عوام جي اهڙي بي ڌيانيءَ سبب ڪورونا وڌيڪ ڦهلجي ٿي ته پڪ اها آهي ته ان جي لپيٽ ۾ هزارين جانيون اچي وينديون.

اسان عيد الاضحى جي هن موقعي تي عوام کي اها گذارش ڪنداسين ته اوهان خوشيون ڀل ملهايو پر انهن خوشين ملهائڻ دوران اوهان ڪورونا ايس او پيز تي سختيءَ سان عمل ڪريو ته جيئن اوهان ۽ اوهان جا پرين پيارا پڻ محفوظ رهي سگهن.

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.