تنگواڻي جي بنيادي صحت مرڪز کي اپگريڊ ڪري تعلقي اسپتال جو درجو ڏنو وڃي!

نورخان بکراڻي/ تنگواڻي.

ھونئن ته عرصي دراز کان وٺي سنڌ حڪومت توڙي چُونڊيل عوامي نمائندن کان وسري ويل تنگواڻي شھر کي انيڪ مسئلا دَرپيش آهن، پر انساني صحت وارن سھولتن جي حوالي سان ھتان جي غريب عوام کي صحت جون ڪي به بنيادي سَھولتوُن ميسر نه آهن. تنگواڻي شھر اتر سنڌ جي آخري ضلعي ڪشمور جو وڏي آباديءَ وارو تعلقه ھيڊ ڪوارٽر ھجڻ جي باوجود به اڃان تائين ھتي تعلقي واريون ڪي به سھولتون نظر نه ٿيون اچن. ياد رھي ته تنگواڻي شهر کي تعلقي جو درجو سال 2004ع ۾ ڏنو ويو. افسوس تنگواڻي شھر کي تعلقو ٿيندي 17 سالن جو طويل عرصو گذري وڃڻ باوجود به ھن وقت تائين شھر جي بنيادي صحت مرڪز کي اپگريڊ ڪري تعلقي سول اسپتال جو درجو ناھي ڏنو ويو. جنھن سبب تنگواڻي شھر جو قديمي بنيادي صحت مرڪز ھتان جي رهواسين بالخُصوص غريب مريضن جي لاءِ بي لاڀ ۽ غير مُؤثر بڻيل آهي.

ھن وقت ان ڳالهه جي سخت ضرورت آهي ته تنگواڻي تعلقي ھيڊ ڪوارٽر واري بنيادي صحت مرڪز کي جلد کان جلد اپگريڊ ڪري تعلقي سول اسپتال جو درجو ڏنو وڃي. ان سان گڏوگڏ ھر بيماريءَ جا ماھر ڊاڪٽر ۽ ليڊي سرجن ڊاڪٽر مقرر ڪري، جديد ايڪسري مشينون، الٽرا سائونڊ، معياري دوائن سميت ٻي تمام ضروري انفراسٽرڪچر مھيا ڪري ڏنو وڃي، ته جيئن تنگواڻي شھر جا رهواسي ۽ ويجھڙائي وارا مريض به ٻين شھرن جيان صحت جي بنيادي سهولتن مان مُستفيد ٿي سگهن.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.