مسنگ پرسنس جي خاندانن جي عيد ڪيئن ملهائي ويندي؟

تحرير: حميده گهانگهرو

ڏٺو وڃي ته قرباني يا ان جي تصور جي تصور جو مطلب ئي اهو ئي آهي ته غريبن يتيمن بيواهن لاءِ مددگار ثابت ٿيڻ. قرباني جي جذبي ۾ اهو ئي تاثر مبهم يا واضح آهي ته ڪنهن به سچي عقيدي ۽ انسانيت جي سڃاڻپ کي برقرار رکڻ لاءِ پنهنجي مال، جان جي قرباني ڏيڻ کان به نه ڪيٻائجي.

صدين جي هن تاريخ کي انسانن، قرباني جي جذبي کي اندر ۾ اوتي ڇڏيو ۽ اهڙو عمل سيکاريو ته جيسين خود پسندي ۽ خود غرضي کي ٿڏي اجتماعي مقصد کي نه اپنايو ويندو، تيسين هن معاشري جي تعمير ۽ تصديق ناممڪن آهي. رڳو هڪ ڏينهن جي قرباني ۽ غريبن سان همدردي نه پر مخلص، مفلس، مجبور ۽  زيادتي جو شڪار عوام جي بنيادي حقن ۽ ضرورتن خاطر حق جو آواز بلند ڪرڻ ۽ ان راهه ۾ پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي ڪنڌ نه جهڪائڻ به تمام وڏي قرباني چئي سگهجي ٿو.

تاريخ جو جائزو وٺجي ته آزاد ۽ خود مختيار ملڪ هئڻ باوجود ڪيترا بهادر ڪارڪن شهيد ڪيا ويا آهن يا وري اڄ به انهن جو ڪو پتو ناهي. سندن مائٽ خاص طور مائر، ڀينر، ڌيئر ۽ زالون ته ڄڻ بهادريءَ جو بلند آواز بڻجي شهر شهر، روڊن ۽ رستن تي للڪار بڻيل آهن. 45 سال اڳ منصور ميراڻي جو مسنگ پرسنس، هارين ۽ مزدورن سان زيادتين ڪرڻ تي ڳايل گيت اڄ به ڄڻ ساڳي صورتحال تي آهي ۽ سينگار نوناري جي وني سڀ روايتون ٽوڙي پنهنجي ور جي آزاديءَ لاءِ روڊن ۽ رستن تي جهونگاري رهي آهي ته وقت جي ڏاڍائي کي تمام بهادريءَ سان جواب آهي.

گذريل ڪيترن سالن کان ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي جا پريس ڪلب پنهنجي پيارن جي آزاديءَ لاءِ اڀ ڏاريندڙ آوازن سان گونجن ٿا. ان کان اڳ ڪيتريون مائرون پنهنجي بي ڏوهي نياڻين جي اغوا زيادتين ۽ تشدد ڪري شهيد ٿيندڙن لاءِ انصاف جي دروازن کي کڙڪائين ٿيون. ڇا اها پرامن جدوجهد قرباني ناهي ته هنن معافي ۽ معاوضا وٺي ڪائنر جو ڪردار ناهي ادا ڪيو.

تاريخ ٻڌائي ٿي ته 14 سئو سال اڳ قرباني جو جذبو ختم ناهي ٿيو پر قرباني جي جذبي ۽ سماجي برابري ۽ انصاف جو نظريو شامل ٿيو آهي. جيڪو اڄ نظر اچي رهيو آهي.

اسلام ۾ عيد جي تهوار کي سڀ رنجشون ختم ڪري سڀني کي ڳلي لڳائڻ آهي. آخر جيڪي مسنگ پرسنس يا شهيد ٿيندڙن جي وارثن لاءِ ڪهڙي عيد آهي. اڄ هو جهول جهلي پنهنجي عزيزن جي آزادي جي گهر ڪن ٿا. مذهبي حوالي سان ڏسڻ گهرجي ته ڪيترن شهرن ۽ ڪيترن گهرن ۾ پنهنجن عزيزن بنا ويڳاڻپ هوندي. پر تنهن هوندي به اهو آواز، اها گونجار سوين دردن سورن جي باوجود سنڌ جي سورمين جي اندر جو ڄڻ آواز آهي.

جي تون وڙهندي ماريو ويندين

هن ڌرتيءَ تان واريو ويندين

دودا تنهنجو ساهه ته ويندو

ماڻهوءَ جو ويساهه نه ويندو

اهو ئي سبب آهي ته سوين ڪارڪنن جي کنڀجي وڃڻ باوجود ڄڻ سچ جي ڇولي سمنڊ وانگر اٿلي ٿي ۽ هر ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن کي کنڀيو وڃي ٿو.

اڄ اسين سنڌ جا سڄڻ سڀ هڪ قطار ۾ بيهي اهو چوڻ ۽ سوچڻ تي سهمت آهيون ته جيڪي به سنڌ جا سڄڻ گم آهن سي پنهنجي شعور ۽ جذبي تحت قرباني جي فلسفي جي پاسداري ڪن ٿا. فرق رڳو اهو آهي ته ڪا قرباني دانسته هوندي آهي ڪا قرباني غير دانسته. جڏهن ماءُ کان فرمائش ڪبي ته ماءُ پنهنجي ٻچڙي کي پيار سان سمجهائيندي فرمائش پوري نه ڪرڻ جي صورت ۾ ڳلي لائيندي ۽ ڪا ويڳي بغض پرست ماءُ ڇڙٻ ڏئي پري ڪندي اهڙي طرح قوم ڌرتيءَ ماءُ جي هنج ۾ ويٺل آهي. ان سان ويڳي ماءُ نه پر سڳي ماءُ وارو ورتاءُ ڪري آزاديءَ جو حق ڏيڻ گهرجي. تڏهن ئي وڃي هيءَ ڌرتي، خوشحال ۽ پنهنجا سماجي، سياسي ۽ مذهبي قدر برقرار رکندي. خوشيون ملهائڻ ۾ سڪون محسوس ڪندي. نه ته قرباني جا جانور ڪسجندي ڏسي انهن مائرن جي دلين جا گهاءَ ڪير  ڀري سگهندو جيڪي روز مرن ٿيون  ۽ روز جيئن ٿيون.

اسان کي پنهنجي مذهبي قرباني جي تهوار جو تمام گهڻو قدر آهي. صدين جي روايتي خوشين جو قدر ان وقت تمام گهڻو موثر ٿي ويندو جڏهن سڄي قوم خوشين ۾ شامل هجي نه ته ان ويڳاڻپ ۽ دردن سان مقابلو ڪندڙن جي محروم خوشين جا ذميوار حڪمران ئي هوندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.