قربانيءَ جي عيد

تحرير: عتيق الرحمان لاکو

انسان جو سينو مختلف جذبن ۽ احساسن سان  پُر آهي، جنھن ۾ حرص،هوس ۽ ايثار جا جذبا به شامل آهن، حرص، هوس وارو جذبو هڪ حيواني جذبو آهي، جڏهن اهواڀرندو آهي ته  ماڻهو صرف پنهنجي ذات جي لاءِ سوچيندو آهي، ان جي آڏو صرف پنهنجي ذات جو پاڇو پيو ڦرندو آهي. ان جون تمام ڪوششون ڪاوشون ۽ ڪاريگريون سڀ فقط پنهنجي گهرجن،ضرورتن ۽ نفساني خواهشن کي پورو ڪرڻ لاءِ هونديون آهن، ان ڳالهه سان ان جو ڪو واسطو ناهي هوندو ته ان جون خواهشون جائزطريقي سان پوريون ٿي رهيون آهن يا ناجائز ذريعي سان؟ اهڙو انسان پنهنجي پيٽ جي پورت لاءِ ٻين جي اميدن جو خون ڪرڻ ۽ راه گناهه ٻين جو مال ڦٻائڻ ۾ زرو برابر به نه ڪيٻائيندوآهي.

جهڙي طرح  هڪڙو خونخوارجانور پنهنجي بک مٽائڻ  ۽ پيٽ ڀرڻ خاطر ٻئي جو خون ڪري وجهندوآهي ۽ ان کي ڪو افسوس ۽ احساس ناهي ٿيندو. بالڪل ان وانگر جڏهن انسان به حرص هوس جي انتهائي ڏاڪي  تي قدم رکندو آهي ته اهو به انسانيت جا سڀ ليڪا لتاڙي ويندوآهي جيڪي هڪ جانور ۽  اشرف المخلوقات  جي وچ ۾ امتياز۽ افتراق ڪندا آهن.

ان جي ڀيٽ ۾ ايثارهڪ ملڪوتي ۽ روحاني  جذبو آهي جڏهن اهو جذبو جوان ٿيندو آهي ۽ ان ۾ بتدريج  ترقي ٿيندي رهندي آهي ته انسان پنهنجي پاڻ کي تڪليف ۾ وجهي ٻين کي راحت رسائڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو آهي،پنهنجي پاڻ کي بک تي رکي الله جي رضا حاصل ڪرڻ  لاءِ  بکايل مخلوق جي خدمت  جي تمنا ۾ رهندو آهي. ان آڏو پنهنجي ذات کان مٿي ٻئي جو وجود هوندو آهي،۽ ان کي باوجود  ضرورت ۽ طلب هئڻ  ٻين کي پاڻ تي اوليت  ۽ مان ڏيندو آهي.

انسان جي  تربيت جي طريقن منجهان بهترين  طريقو اهو آهي جو جيترو ٿي سگهي ته انسان پنهنجي پاڻ کي حيواني حرڪتن ۽ جذبن کان ڇوٽڪارو ڏياري، ۽ حرص ۽ هوس جهڙن  جذبن کي ڪڍي اندر کي اجرو ڪري  ڇو جو انسان جيڪڏهن اهڙن عملن ۽ جذبن کان  ڇو ٽڪارو حاصل نو ڪندو  ته ان جي ڀيٽ ۾ ملڪوتي صفتون  وڌنڌيون رهنديون.

الله جي راهه ۾ قرباني ڪرڻ  به ان تربيت جي سلسلي جي هڪڙي ڪڙي آهي ان موقعي تي هر سال اسين سنت ابرهيمي  ادا ڪندا آهيون  ۽ الله جي ڏنل مان ان جي رضا  خاطر  جانور قربان ڪندا آهيون ۽  مسڪين غريب ماڻهن کي گوشت ڏيندا آهن جن کي سڄو سال گوشت ميسرنه ٿيندو آهي، ان سان  ايثار ۽  الله جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ واري  جذبي کي جياپو ملندو آهي،  ۽ حيواني جذبي حرص هوس ۽ بخيلي  جو ڳاٽو ٽٽي پوندو آهي.

مطلب  ته سنت ابرهيمي ادا ڪرڻ سان الله جي رضا سان گڏ  مخلوق خدا جي خدمت ٿيندي آهي هونئن به .جيڪڏهن اسلام جي عبادتن تي غور ڪريون ته معلوم ٿيندو ته اسلام جي عبادتن جو مقصد  خالق جي عظمت ۽ مخلوق تي شفقت  ڪرڻ آهي جنهن جو چٽو نظارو قرباني جي موقعي تي اکين آڏو ايندو آهي  جنهن ۾ هڪڙي پاسي صاحب حيثيت مسلمان قرباني ڪري پنهنجو فريضو ادا ڪندو آهي  ته ٻئي پاسي قرباني جو گوشت غريبن ۾ ورهائي الله جي مخلوق تي  شفقت ۽ انهن جي خدمت ڪندو آهي.

قرباني جي گوشت جي ذريعي غريب ماڻهن جي اهڙي منظم ۽ جامع انداز سان خدمت ٿيندي آهي جنهنجو مثال ملڻ مشڪل آهي،ڇوجو اهو سڀ انسان جي بڻايل طريقي ڪار ۾ ناممڪن آهي ته هر غريب جي گهر ۾  گوشت پهچي، اهو اسلامي جي عبادتن ۽ سهڻن اصولن جي ڪارڻ ئي ممڪن آهي،  جنهن جو اسين جيترو شڪر ادا ڪريون اهو گهٽ آهي.اهڙي طرح هر سال هڪڙو دفعو صاحب نصاب جڏهن زڪوت جو فريضو ادا ڪندو آهي ۽ پنهنجي جمع ٿيل ڏوڪڙن ۽ تجارتي مال مان الله جو حصو ڪڍي غريبن مسڪينن کي ڏيندو آهي ته ان سان خدا جو فرض به ادا ٿيندو آهي ۽ گڏو گڏو غريبن مسڪينن جي مالي مدد ٿيندي آهي، اهو ئي  اسلامي زندگي جو منشور آهي.

ان کان علاوه قرباني  جي ڏهاڙن ۾ سڃي دنيا جا مسلمان هڪ جهڙي عمل قرباني ۾ رڌل هوندا  آهن جنهن سان  ايڪي ۽ اتحاد کي هٿي ملندي  آهي، ۽ دنيا ۾ موجود مختلف نظرين ۽ مذهبن وارن ماڻهن ڏانهن اسلامي  معاشرت جو سهڻو پيغام ويندو آهي،

قرباني جي گوشت جي ورهاست جو جيڪو اصول اسلامي تعليمات ۾ ڄاڻايل آهي ان ۾ آهي ته قرباني جي گوشت جي  هڪڙي پتي ۾ پنهنجي عزيزن قريبن کي شامل ڪريو  جنهن سان مٽن مائٽن جون پاڻ ۾ ميل ملاقاتون ڏيڻ وٺڻ وڌنڌو آهي جنهن سان محبت واري جذبي  کي فروغ ملندو آهي حضرت ابو هريرو رضي الله عنه کان روايت آهي ته  رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو: هڪ ٻئي کي تحفا ڏيندا ڪيو ته جئين پاڻ ۾ محبت  جو اضافو ٿئي( شعب الايمان: 8568) ۽ اهو ڪنهن به بهترين ۽ انسان دوست معاشري جو اڻٽر جز آهي ڇو ته اهو معاشرو ڪڏهن به سڌريل معاشرن جي فهرست ۾ نٿو اچي سگهي جنهن ۾ محبت ۽ ايثار جو جذبو موجود نه هجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.