”اسان جي پاپا جهڙا پاپا سڀ مري وڃن!“

تحرير: زلف پيرزادو

حيرت آهي ته نه ڌرتي ڌڏي ۽ نه ئي آسمان ٿرٿليو، معصوم نياڻيون پنهنجي ماءُ کي بي درديءَ سان پيءُ هٿان قتل ٿيندي ڏسنديون رهيون، حيدرآباد جي هوائن مان علم ۽ دانش جون هوائون موڪلائي ويون منهنجي امي بي گناهه قتل ٿي وئي، علم، ڏاهپ ۽ دانش جي ڏيهه ۾ ڪنهن به گهلندڙ گرم هوائن مان بي گناهه معصوم خون جي خوشبوءِ نه سنگهي يا سنگهڻ واري حس به اسان کان موڪلائي وئي يا قرئت العين سان گڏ قتل ٿي وئي ٻن نياڻين جي امڙ بي درديءَ سان گهٽا ڏئي ڌڪ هڻي جيتامڙن آڏو ماري وئي، قرئت العين پنهنجي ٻچن کي آٿت ڏئي موڪلائي ته نه سگهي پر کين آخري چمي به نه ڏئي سگهي.

ممتا تڙپندي رهي، اڄ منهنجا ٻئي هٿ قرئت جي پيرن تي، سندس بهادريءَ کي سلام! ”امي جنت ۾ آهي، اسين روئنداسين ته امي کي ڏک ٿيندو، هوءَ چوندي اچان ٿي، اسان پاپا ڏي واپس نه وينداسين، هو ماري ڇڏيندو، اهڙا پاپا سڀ مري وڃن هميشه لاءِ، “هن معصوم نياڻيءَ جي جملن جو درد ۽ اذيت ته ڪو انسان واري حساس دل رکندڙ ڄاڻي سگهي ٿو، مونکي ته نياڻيءَ جي جملن ماريو ۽ جياريو آهي. نياڻي پنهنجي امڙ کي جنت اماڻي پيءُ کي دوزخ جي باهه ۾ سڙندو ڏسڻ چاهي ٿي، جڏهن هي قربناڪ ڪٿا لکي رهيو آهيان ته رات جا 3 وڳا آهن منهنجي اڇي ٻلي(ورکا) نياڻي اٿي آئي آهي، گئلريءَ ۾ نظر ڦيرائي چيائين ابو ! جاڳو ٿا، جهڙ ٿي ويو آهي،  مون سمجهيو ته اڄ آسمان به مون سان ماتم ۾ گڏ آهي.

شايد! مون سان گڏ روئڻ ٿو چاهي، آسمان، ڌرتي ۽ آءٌ امي قرئت تنهنجا ڏوهاري آهيون، امڙ! معصوم نه ٿي ها مزاحمت ڪرين ها، هن نامرد مردود کي ماري وجهي ها، اسان فخر ڪيون ها! افسوس ايئن ٿي نه سگهيو. نامرد وحشي ڪامياب ٿي ويو، دوزخ جي باهه ۾ ته ضرور سڙندو پر امان! تون ته پنهنجي ٻچڙن کان پري هلي وئينءَ، انهن جو درد ڪير ڄاڻي سچ ته حيدرآباد جي ڏاهپ به سمهي رهي، تنهنجو قاتل نامرد مڙس ڏاڍو بااثر آهي پر امڙ دعا ڪر ته حيدرآباد جهڙي دانشمند شهر ۾ ڪنهن چوڪ تي ٽنگيو وڃي.شڪل شبيهه ڏسڻ نه ٿو چاهيان فقط ٻڌڻ ٿو چاهيان ته چوڪ تي ٽنگيو ويو.

امڙ! قرئت مونکي اختيار هجن ها ته تنهنجي نامرد قاتل کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيان ها،  منهنجي امڙ تنهنجي صبر ۽ بهادريءَ کي سلام. تنهنجو قتل نه ٿيو آهي هي سماج قتل ٿي چڪو آهي، اسان جي ڏاهن، قلم ڪارن ۽ صحافين کي احساس ئي نه آهي ته ڪيڏو قيس ٿي چڪو آهي.

او! قرئت منهنجي امڙ، منهنجي ڀيڻ منهنجي ماءُ تنهنجو ڏوهي آهيان صحافي جو آهيان، منهنجي امڙ مونکي معاف ڪجانءِ،  تنهنجي درد ڪٿا نه لکي سگهيس نه تنهنجو درد نه ڄاڻي سگهيس. تون نباهه جي چڪر ۾ ماري وئينءَ اهو سور مان ڪنهن سان سليان. قاتل ته اڃا به تنهنجي امڙ ۽ معصوم ٻچڙن جي ڦٽن تي نوٽن جي شڪل ۾ لوڻ ٻرڪي رهيو آهي. ها! تنهنجي خون جي بها 10 ڪروڙ لڳائي اٿائين پر تنهنجي امڙ ۽ ٻچڙن اهڙي آڇ ٿڏي ڇڏي آهي. هنن چيو ته تنهنجي قاتل مڙس کي ڦاهي چڙهندي ڏسڻ چاهين ٿا.

اسان ته ايترا ڪريل ۽ نيچ آهيون جو چنڊ ٽڪن عيوض ڪارو ڪوٽ پائي تنهنجي قاتل کي بي گناهه ثابت ڪرڻ لاءِ اڃا به توتي ڪي بهتان مڙهي توکي ئي ڏوهاري ثابت ڪندي واجب القتل قرار ڏينداسين. بس! شال تنهنجي امڙ ۽ ٻچڙن جون جيءَ جهوريندڙ ٻاڪارون انصاف جي مسند تي ويٺلن جي ڪنن ۾ ٻُرن، کين  ڪو ڪهڪاءُ اچي ۽ تنهنجي ٻڍڙي امڙ ۽ معصوم ٻچڙن سان انصاف ڪن جيڪي تنهنجي تصوير کڻي انصاف لاءِ روڊن تي نڪتل آهن. تنهنجي ٻچڙن جا اهي لفظ ساڀيان ماڻين ته  ” اسان جي پاپا جهڙا سڀ پاپا مري وڃن هميشه لاءِ “ جيئن آئنده ڪابه عيني بي درديءَ سان قتل نه ٿئي ۽ معصوم جيءَ يتيم نه ٿين. تنهنجي ٻڍڙي امڙ کي ڏسي مونکي امڙ جندو ياد اچي رهي آهي جنهنجا ڪونڌر ڪٺا ويا هئا ۽ امڙ جندو قاتل کي ڦاهي ڏيارڻ لاءِ روڊن تي نڪتي هئي آخرڪار قاتل کي ڦاهيءَ چاڙهائي ٿڌو ساهه ڀريو هيائين.

امڙ جندو کي به اهڙيون ئي لالچون آڇيون ويون هيون پر هن ٿڏي ڇڏيون هيون. اڄ تنهنجي امڙ به  تنهنجي قاتل کي ڦاهي ڏيارڻ لاءِ روڊن تي نڪتل آهي. امڙ عيني! تون ته جنت جي حور هئينءَ، جنت ۾ هوندينءَ تنهنجو قاتل ته جيئري ئي دوزخ ۾ آهي. هر گهڙي موت جو ڦاهو ڳچيءَ تائين ايندو ڏسي تڙپندو هوندو ننڊ ۾ به ڇرڪ ڀري اٿندو هوندو تنهنجي لاءِ ته سنڌ سراپا احتجاج آهي. تنهنجي قاتل لاءِ ته ڌرتي سوڙهي ٿي وئي آهي، شايد ڪو وڪيل به سندس ڪيس وڙهڻ لاءِ في الحال تيار نه آهي. تنهنجو ڪيس سڄي سنڌ وڙهي رهي آهي ۽ خاطري ڪر ته سنڌ کي اڄ تائين ڪنهن به مات نه ڏني آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.