بحريا جا قيدي،خاندان ۽ عيد جون خوشيون

تحرير: آزاد گهلو

جڏھن بحريا جي آس پاس قديمي ڳوٺن تي رمضان جي ڀلاري مھيني ۾ بلڊر بلڊوزر گھمائي انھن کي مسمار ڪري رھيو ھيو ۽ ڳوٺ جي مقامي ماڻھن تي گوليون ھلائي زخمي ڪري انھن جي زندگي مفلوج ڪري انھن کي زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيھاريو ويو ته ڇا ڪنھن سوچيو آھي ته رمضان جي گذريل عيد انھن ڌرتي ڌڻين، زخمي جسمن پنھنجي معصوم ٻچڙن جي مرجھايل مرڪ سان اھا عيد ڪيئن ڪئي ھوندي، شايد اسان جي تصور جي اڏام انھن جذبن تائين نه پھچي سگھي ۽ اسان جا احساس اھڙن جذبن کي محسوس ڪرڻ کان وانجهيل ھجن.

بحريا انتظاميا وڳوڙ ۽ فساد جي سازش ڪري ان پر امن ڌرڻي/احتجاج کي ڦٽائڻ جي ڪوشش ڪئي جڏھن ته اتي فائرنگ ۽ ڳوڙھا گئس جي شيلنگ ڪري ڌرڻي ۾ موجود پرامن ماڻھن جنھن ۾ عورتون توڙي ٻارڙا پڻ شامل ھيا انھن کي گرفتار ڪري تذليل ڪري انھن مٿان دھشتگردي جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪري انھن کي جيل موڪليو ويو ۽ رات جي پيٽ ۾ قومپرست اڳواڻ صنعان قريشي کي پڻ  گرفتار ڪري گم ڪيو ويو..

انھن گرفتار ماڻھن جي آزادي لاءِ ڪراچي جي وڪيلن وڏي جاکوڙ ڪئي آھي پر سنڌ جي حڪمران جماعت حيلا بھانا ڪري  انھن جي آزادي کي ناممڪن بڻائيندي پئي اچي. وڪيلن جي جدوجھد سان انھن جي ڪجھه  ڪيسن ۾ ضمانت منظور ٿي رھيل ھڪ ٻه ڪيسن ۾ پڻ  انھن جي ضمانت منظور ٿي ۽ ان خوشي ۾ انھن اسيرن جون مائرون ڀينرون زالون ٻچڙا توڙي ڀائر ڪراچي ۾ انھن کي عيد جي آمد جي موقعي تي وٺڻ آيا پر افسوس جو انصاف جي منصب تي ويٺل جج سڳوري جيڪو پڻ  عيد جي ويجھو ھجڻ جي احساس کي وساري ٿورڙو وقت ويھي انھن جي آزادي جا پروانا جاري ڪري ھا پر ھن منصف سڳوري ختم ٿيڻ جو چئي ھليو ويو ۽ وڏي مشڪل سان 15ماڻھن جا رليز آرڊر جاري ٿي سگھيا،جيل ٻاھران موجود ھڪ ھمراھ سان ڳالھه  ٻولهھ ٿي جنھن چيو ته منھنجي امڙ منھنجي قيدي ڀاءُ جي آزادي جي منتظر آھي ۽ ھو کٽ تي پيل آھي ڊاڪٽر چون ٿا ته امان صرف ڀاءُ جي اچڻ سان ئي خوش ٿي ويندي ۽ جيڪڏھن عيد تي امان ھن کي نه ڏٺو ته شايد امڙ ھي جھان ڇڏي وڃي ھڪ ٻيو شخص جنھن ٻڌايو پئي ته ھن جا ٽي پٽ ۽ ڀائيٽيا جيل ۾ آھن گھر جون عورتون ۽ انھن جون ڀينرون سخت پريشان آھن ۽ مان انھن سان واعدو ڪري آيو آھيان ته ھو عيد توھان سان گڏ ڪندا پر ھو نه نڪري سگھيا مان انھن جي مائرن ۽ ڀينرن کي هاڻي ڇا چوندس ۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.