مھانگائي جي مصيبت کڻي آيل ھيلوڪي عيد 

تحرير: امر شر

مھذب ملڪن ۾ جڏھن ڪو مذھبي تھوار ايندو آھي ته اتي جي رياست عام ماڻھوءَ کي ان خوشي ۾ شامل ڪرڻ لا وڏا وڏا پيڪيج ڏيندي آھي، کاڌي پيتي جي شين سميت عام استعمال ۽ ضرورت جي شين جا رعايتي اسٽال لڳايا ويندا آھن گاڏين ريلن جي ڀاڙن ۾ تمام گھڻي رعايت ڪئي ويندي آھي ۽ جيڪي اگهھ ان تھوار کان اڳ عام طور مارڪيٽ ۾ ھلندڙ ھوندا آھن ۽ فوري طور گھٽجي ويندا آھن

پر ان جي نسبت اسان وٽ سڀ ڪجھه ابتو آھي، اسان وث مذھبي ڏھاڙا ڄڻ ته  ڪمائي جو وسيلو ھوندا آھن اسان وٽ اسان جا حاجي نمازي دڪاندار سمورو سال رمضان مھيني جي اچڻ جو شدت سان انتظار ڪندا آھن ڇاڪاڻ ته ان مھيني ۾ اھي پوري سال جو منافعو ڪمائي وٺندا آھن ۽ انھن جي گدامن ۾ جيترو پراڻو سامان ڳريل سڙيل بچيل ھوندو آھي اھو ان ڀلاري مھيني جي مھابي ٻيڻ ٽي۾ تي وڪرو ڪندا آھن

اھڙي طرح پاڻ وٽ عيد اچڻ جو ٻڌي منافعي خور ته ڏاڍو خوش ٿيندا آھن پر اھي مسڪين جيڪي ھڪ ويلو کائڻ تي مجبور ھوندا آھن ويچارا ڳڻتين ۾ وٺجر ويندا آھن

سموري ملڪ جتي مھانگائي جو جن مسڪين ماڻھن جو ماس روڙيندو رھي ٿو اتي سکي سنڌ جا ماڻھو پڻ ڳڀي جي ڳولا ۾ اھو وساري ويٺا آھن ته اڄ ڪو عيد جو ڏھاڙو آھي

عيد کان ڪجھ ڏھاڙا اڳ بجاءِ ڪنھن رليف يا پيڪيج ڏيڻ جي وفاقي سرڪار عام خلق خدا مٿان پيٽرول بم ڪيرائي انھن جون عيد جون خوشيون ڪافور ڪري ڇڏيون آھن

مسڪين ماڻھو کي جھڙو تھڙو رليف يوٽلٽي اسٽور تان ملندو ھيو جنھن تي پڻ عيد کان اڳ شيون ٻيڻ تي مھانگيون ڪيون ويون آھن جنھن سبب اڄ عيد جو خوشيون صرف اھا اشرافيا ملھائي رھي آھي جيڪا موجن ۽ محلاتن ۾ رھي ٿي پر عام ماڻھو جو اڄ جو ڏھاڙو به ڳڻتين ۽ ڳاراڻن ۾ گذري رھيو آھي  ڪنھن شاعر جيان

"عيد جو ڏھاڙو آھي

ڪنڌ تي ڄڻ ڪھاڙو آھي ”

بلڪل اڄ سکي سنڌ جا ھٿ سان مسڪين بنايل ماڻھو بک بيروزگاري واري ماحول ۾ عيد ملھائڻ کان قاصر رھندا

اھا ھن رياست جي زميواري آھي پر اھا رياست عيد کان ھڪ ڏينھن اڳ پيٽرول مھانگو ڪري عام خلق مٿان ڄڻ ته پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو آھي جنھن سبب ھت ماڻھو جون عيد ڪرڻ واريون خواھشون اڻپوريون رھجي ويون آھن

ڏٺو وڃي ته عيد ايثار جو نالو آھي احساس جو نالو آھي پر اسان صرف پاڻ لا سوچيون ٿا اسان صرف پنھنجي پيٽ ۽ ٻچن جو سوچيو ٿا پر پاڙي ۾ ڪنھن بکي ٻار جون دانھون اسان جي ڪنن تائين نٿيون پھچن

"پاڙي ناھي پروڙ

ته ڪا رات رنجائي گذري ”

ھي ٻڪرا عيد آھي وڏا ماڻھو وڏيون قربانيون ڪندا آھن وڏن مھانگن  جانورن جي خريداري ڪري انھن سان گڏ سيلفيون ڪڍندا آھن ۽ قرباني جي گوشت سان پنھنجا فريزر ڀري رکندا آھن يارن دوستن سان خوش آمد ڪندا آھن پر ڪنھن مسڪين يا لاچار کي گوشت ڏيڻ ته ڇا ان کي گھر جي پاسي ۾ بيھڻ به ناھن ڏيندا .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.