ڪراچي ۾ جبري گم ٿيلن جي آزادي لاءِ عيد ڏينهن به احتجاج، ڪئمپ قائم

ڪراچي (پ ر) وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ, سنڌ سجاڳي فورم ۽ مسنگ پرسنس جي وارثن پاران هر عيد وانگر هن عيدالاضحيٰ تي بہ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سمورن  قومي,سياسي سماجي ڪارڪنن ۽ عام شھرين جي آزاديءَ لاءِ عيد کان هڪ ڏينهن اڳ شام جو 4 وڳي کان بک هڙتالي ڪئمپ وي ايم پي جي ڪنوينر سورٺ لوھار، سسئي لوھار، قومي دانشور تاج جويي، سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري سارنگ جويي، مرڪزي فائنانس سيڪريٽري سھڻي جويو، سنڌ ساگر پارٽي جي چيئرمين حافظ سڪندر تنيي، حافظ صديق ميمڻ، سائين ھدايت لوھار، جسقم اڳواڻ شاھنواز ڀٽي، فھميدہ ڀٽي جسقم ناري تحريڪ جي اڳواڻ، سنڌ سجاڳي مزدور فيڊريشن جي مرڪزي چيف آرگنائيزر ياسين جھلڻ، انصاف دايي جي ڀينرن اقصيٰ دايو، افسانہ دايو، ايوب ڪانڌڙي جي ڌيءُ مارئي ۽ پُٽ شاھد ڪانڌڙي، مرتضيٰ جوڻيجي جي ماءُ شھزادي ۽ ڌيءَ پارس جوڻيجو، نسيم بلوچ جي مڱيندي ھاني بلوچ، ظفر چانڊيي جي ماءُ حاجياڻي، گھرواري ساجدہ، ۽ ڀيڻ فخرالنساء چانڊيو، پٺاڻ خان زھراڻي جي پُٽ عرفان زھراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ هنئي وئي آھي، جيڪا عيد جي ڏينھن چئين وڳي تائين جاري رھندي ۽ صبح جو ساڍي اٺين وڳي سنڌ ساگر پارٽيءَ جو چيئرمين حافظ سڪندر تُنيو، بک ھڙتالي ڪئمپ تي ويٺل عورتن، مردن ۽ ڪراچيءَ مان ايندڙ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي عيد جي نماز پڙھائيندو ۽ قومي خطبو ڏيندو. ڪئمپ تي اڳواڻن ڳالھائيندي چيو تہ، ” گذريل ڪيترن سالن کان لڳاتار قومپرست، سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن، شاگردن، مزدورن ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن کي رياستي ادارہ پاران جبري طور کنڀي گم ڪري سالن جا سال مٿن تشدد ڪري کين ذھني ۽ جسماني طور معذور بڻايو ٿو وڃي ۽ سندن خاندانن کي معاشي ۽ سماجي طور ھيڻو بڻايو ٿو وڃي تہ جيئن ڪو بہ پنھنجي وطن، ۽ پنھنجي ڌرتيءَ جي حقن ۽ وسيلن جي مالڪيءَ جي ڳالھ نہ ڪري ۽ حڪمران عوام جا وسيلا لُٽيندا رھن، ھن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو تہ جبري گمشدگيون اقوام متحدہ جي انساني حقن جي پڌرنامي ۽ ملڪي قانون جي سراسر ڀڃڪڙي ۽ عدالتي نظام جي توھين آھي، باوجود سپريم ڪورٽ ۽ ھاِ ڪورٽ جي نوٽيسن وـڻ جي سنڌ ۽ بلوچستان جي ھزارين ماڻھن کي گم ڪري عدالتي فيصلن جو ڌڄيون اڏايون پيون وڃن. اسان عالمي ضمير، يونائيٽيڊ نيشنس، ۽ انساني حقن جي تنظيمن ۽ اعليٰ عدالتن کان گُھر ٿا ڪيون تہ کنڀي گم ڪيل ايوب ڪانڌڙي، انصاف دايي,مرتضيٰ جوڻيجي,ڪاشف ٽڳڙ,سھيل رضا ڀٽي,سينگار نوناري ,نسيم بلوچ,پي ڪي زھراڻي,سرويچ نوحاڻي,ڊاڪٽر فتح محمد کوسي, امداد شاھ، ظفر چانڊيي ,صحبت کوسي، حڪيم گاڏھي، نديم مغيري ,غلام شبير قمبراڻي,الله وڌايي مھر,فقير اعجاز ڳاھي,عاشق ڪانڌڙي ,اللّه بخش جمالي، موھن مينگھواڙ, فيصل آرائين, مولانا بخت اللّه پھوڙ,فھيم حيدر سومري، مولوي عبدالرحمان پنھور, عبدالقيوم اوڳاھي, امين آرائين, راشد بلوچ, دين محمد بلوچ, ۽ ٻيا ھڪدم آزاد ڪيا وڃن. وڏي عرصي تائين ٽارچر سيلن ۾ رکڻ کان پوء اوچتو نين وارداتن ۾ گرفتاريون ظاھر ڪري,اينٽي ٽيررسٽ ڪورٽ ATC ذريعي جيلن ۾ واڙيل معصوم ڪارڪنن بشير احمد شر, عمر مغيري,سجاد چنا,سجاد شر, جاويد مڱريي, رميش ڪمار، سھيل ميراڻي، حيدر کوسي ۽ ٻين سان انصاف ڪري کين آزاد ڪريو وڃي. اڳواڻن چيو تہ بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي ۽ سنڌ جي والار جا سمورا منصوبا ختم ڪيا وڃن، سنڌ جي قومي قيادت، ۽ قومي ڪارڪنن مٿان داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس واپس ورتا وڃن.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.