اڄ غريب ۽ ضرورت مندن جي مدد ڪئي وڃي: صدر

اسلام آباد (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي  عيدالاضحيٰ تي قوم ۽ اسلامي دنيا کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هن اسلامي تهوار ۾ اسان جي لاءِ اهو درس آهي ته آزمائش ۽ امتحان جي صورتحال ۾ ثابت قدم رهڻ ۽ مقصد حاصل ڪرڻ ۾ هر قسم جي قرباني لاءِ تيار رهڻ ئي ڪاميابي جي ڪُنجي آهي، قوم کي اپيل آهي ته اها ڪورونا وائرس جي وبا ۾ سرخرو ٿيڻ جي لاءِ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪري ۽ احتياطي تدبيرن تي عمل جاري رکي، قرباني جي عيد جي موقعي تي قرباني جي جذبي سان سرشار ٿي غريب ۽ ضرورتمندن جي وڌي چڙهي مدد ڪري. صدر پيغام ۾ چيو آئون عيدالاضحيٰ جي خوشي جي موقعي تي پوري پاڪستاني قوم ۽ اسلامي دنيا کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.