قرت العين کي سنڌ حڪومت فوري طور انصاف ڏياري: عمران قريشي

حيدرآباد (رپورٽر)پاڪستان تحريڪ انصاف جي ضلعي صدر عمران قريشي چئن معصوم ٻارڙن جي ماءُ قرت العين عرف عيني بلوچ جي قتل جي سخت لفظن ۾  مذمت ڪندي چيو آهي ته مقتولا جو مڙس ڊگهي عرصي کان کيس تشدد ڪندو رهندو هو پر انتظاميه ۽ پوليس نه ته مقتولا کي تحفظ فراهم ڪري سگهي ۽ نه ئي کيس قتل ٿيڻ کان بچائي سگهي. هن الزام هڻندي چيو ته گهريلو تڪرار جي صورت ۾ جيڪڏهن متاثر عورت پوليس يا انتظاميه سان رابطو ڪري ٿي ته اها ان جي مدد ڪرڻ بجاءِ ان کي مبينه حراسان ڪري ٿي. هن چيو ته هاڻي حڪومت پوليس ۽ انتظاميه کي گهرجي ته اهي ان قسم جي واقعن کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتي حڪمت عملي تيار ڪن ڇاڪاڻ ته جنهن ريت جو واقعو قرت العين سان ٿيو آهي، ان قسم جا واقعا بيشمار گهرن ۾ معمول بڻجي چڪا آهن، جتي گهريلو تڪرارن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ کان علاوه کين بليڪ ميل ڪيو ويندو آهي ته جيئن ان عورت جا وارث مجبور ٿي ان ظالم مڙس سان مفاهمت ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن. اهڙو ئي ڪجهه قرت العين سان ٿيو جنهن جي حياتي ضايع ٿي وئي هاڻي صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي ته اها ان قسم جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سخت قدم کڻي ۽ گهرن ۾ موجود تشدد جو شڪار عورتن کي تحفظ فراهم ڪري. 03

سعودي، دبئي، انڊونيشيا، ڪينيڊا، آمريڪا ۾ عيد ملهائي وئي

جده(م ڊ) سعودي عرب، متحده عرب امارات، جاپان، انڊونيشيا، ڪينيڊا، آمريڪا ۽ برطانيا سميت مختلف يورپي ملڪن ۾ ڪالهه عيد الاضحيٰ ملهائي وئي.  مسجد الحرام، مڪي شريف ۽ مسجد نبوي، مدينه منور ۾ ڪورونا وبا بابت احتياطي تدبيرن تي عمل ڪندي عيد جي نماز ادا ڪئي وئي. جڏهن ته سڄي سعودي عرب ۾ سنت ابراهيمي تي عمل ڪندي قرباني جو سلسلو جاري آهي. منيٰ، مڪي شريف، جده، مدينه منوره ۽ سعودي عرب جي ٻين شهرن خاص ذبح خانن جو بندوبست ڪيو ويو آهي.متحده عرب امارات ۾ به عيد نماز جا اجتماع ٿيا جنهن جي پوءِ کان اُتي جي سرڪاري ذبح خانن ۾ قرباني ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.