قرئت العين جي وارثن جو ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلائڻ لاءِ احتجاج

ملير (ڊ.ر) مڙس هٿان قتل ٿيل قرئت العين بلوچ جي وارثن پاران قتل جو ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلائڻ لاءِ ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو،  معصوم ٻارڙن اڳيان، سندن ماءُ کي قتل ڪندڙ قاتل کي ڦاهي جي سزا ڏني وڃي، اڳواڻ، خبر موجب ؛ مڙس هٿان قتل ٿيل قرت العين جي وارثن ۽ بليدي نوجوان اتحاد ڪراچي پاران قرت العين جي مڙس تي داخل ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلائڻ لاءِ ملير پريس ڪلب آڏو نور محمد بليدي، نثار بليدي، سرواڻ حسين بليدي، سالار بليدي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين صحافين کي ٻڌايو ته قرت العين جو قتل انسانيت کي لڃائيندڙ واقعو آهي، پنهنجي معصوم ٻارن اڳيان پئ عمر ميمڻ قرت العين کي تشدد ڪري گهٽا ڏئي بيدردي سان قتل ڪيو آهي، هي واقعو کليل دهشتگردي آهي، هنن چيو ته مقتولا قرت العين جي قتل کي اسان ڪنهن به صورت ۾ رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين، بي ڏوهه کيس قتل ڪندڙ عمر ميمڻ کي سخت کان سخت سزا ڏيارڻ لاءِ اسان جي جدوجهد جاري رهندي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.