شهلا رضا عيني بليدي جي وارثن وٽ پهتي، دهشتگري جا قلم شامل ڪرائڻ جي خاطري

حيدرآباد(رپورٽر) عورتن جي ترقي واري کاتي جي صوبائي وزير سيده شهلا رضا چيو آهي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ ۽ قرت العين بلوچ جي ٻارڙن جي بيانن مطابق ابتدائي   تحقيقات ۾ قتل گهريلو تشدد جو واقعو لڳي ٿو ۽ قاتل ڀلي ڪيترو به طاقتور هجي انصاف کان مٿانهون نٿو ٿي سگهي قتل ٿيل نياڻي جي خاندان جي هر قسم جي قانوني مدد ڪئي ويندي ته جيئن قاتل کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. اهڙو اظهار هن مڙس هٿان قتل ٿيل قرت العين بلوچ جي خاندان سان سندس رهائشگاهه قاسم آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. هن چيو ته تحقيقات مان معلوم ٿيو آهي ته ڪافي عرصي کان مڙس هن تي تشدد ڪندو هو ۽ قرت العين کي اهو ڊپ هو ته هو سندس ٻار کسي ويندو ان ڪري هن شڪايت درج نه پئي ڪرائي. هن چيو ته عورتن جي ترقي واري کاتي جا آفيسر ۽ عملو هر وقت عورتن جي مدد لاءِ تيار آهن، پر اڪثر ڪري ماڻهو گهريلو تشدد جي واقعن کي ذاتي معاملو سمجهي شڪايت درج نٿا ڪرائين. هن چيو ته حيدرآباد ۾ عورتن جي مسئلن جي لاءِ شڪايتي مرڪز موجود آهن، جتي عورتون پنهنجا مسئلا ۽ شڪايتون درج ڪرائي قانوني مدد حاصل ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته پوليس کي به ان قسم جي گهريلو تشدد جي واقعن کي ذاتي جهڳڙو نه سمجهڻ گهرجي ۽ جتي به عورتن تي تشدد ٿئي ٿو ان خلاف بر وقت ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته هو صوبي جي سمورن ڊويزن جي ڊي آءِ جيز کي هدايت ڪري ٿي ته هو گهريلو تشدد ۽ اهڙن ٻين واقعن ۾ جتي عورتن سان ناانصافي آهي، عورتن جي ترقي واري کاتي سان تعاون ڪن. ان کان اڳ صوبائي وزير شهلا رضا قرت العين بلوچ جي خاندان سان تعزيت ڪئي ۽ کين يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت ۽ عورتن جي ترقي وارو کاتو پنهنجا سمورا وسيلا استعمال ڪندي ان معاملي ۾ متاثر خاندان کي انصاف ڏيارڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندو. ان موقعي تي متاثر خاندان پاران صوبائي وزير کي ڪيس متعلق پنهنجا مطالبا پيش ڪيا ويا، جنهن ۾ انهن چيو ته ان ڪيس ۾ سراج لاشاري کي جاچ آفيسر مقرر ڪيو وڃي ۽ ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا وڃن. ان موقعي تي ڊائريڪٽر وومين ڊولپمينٽ عاشق حسين ڪلهوڙو، اي ايس پي علينا راڄپر، وومين ڪمپلين سيل جي انچارج قرت العين شاهه ۽ ٻيا موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.