عيني جي قاتل مڙس کي سخت سزا ڏئي قانون تي عمل ڪرايو وڃي: ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽر) انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ سماج سڌارڪ اڳواڻن، صحافين ۽ وڪيلن تي مشتمل نيٽ ورڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته عيني بلوچ جي قاتل مڙس عمر خالد ميمڻ کي سخت سزا ڏئي، عورتن جي  حقن لاءِ موجود قانونن تي عمل ڪري عورتن ۽ ٻارڙن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. آر آر اين نيٽ ورڪ جي گڏجاڻي ڪوآرڊينيٽر ماروي اعواڻ جي صدارت ۾ ٿي. گڏجاڻي ۾ ايڇ آر سي پي اڳواڻ غفرانا آرائين، صحافي مقبول ملاح، ايڊووڪيٽ اياز منگي، سماجي اڳواڻ ڪلثوم ڀٽي، ممتاز ڪوري، زمرد ڀٽي شرڪت ڪئي. اڳواڻن چيو ته عمر خالد ميمڻ گهر اندر وحشياڻو تشدد ڪري بيدردري سان پنهنجي زال عيني بلوچ کي قتل ڪري انسانيت کي لڄائي ڇڏيو آهي. هنن چيو ته جيتوڻيڪ جوابدار گرفتار آهي، پر عمر ميمڻ جي وارثن طرفان ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان عيني جو خون لڙهي وڃي ۽ صلح نامون ٿي وڃي. هنن چيو ته سنڌ ۾ عورت عذاب هيٺ آهن، عورتن کي ڪڏهن غيرت جي نالي تي قتل ڪيو وڃي ٿو ته ڪڏهن گهرو تشدد دوران بيگناهه عورتون موت جي منهن ۾ هليون وڃن ٿيون. هنن چيو ته نياڻين سان زيادتي جي واقعن توڙي عورتن تي تشدد جي واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي. قاتلن کي انهن جي ڏوهه جي سزا نه ملڻ ڪري اهڙن واقعن کي ٻنجو نٿو اچي، جنهن ڪري سنڌ جون معصوم نياڻيون ۽ عورتون هر وقت خطري هيٺ زندگي گذاري رهيون آهن. هنن مطالبو ڪيو ته عيني بلوچ جي قتل واري واقعي جو سختي سان نوٽيس وٺي جوابدار خلاف تڪڙو عدالت ۾ ڪيس هلائي ان کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. 17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.