سعودي عرب ۾ عيد ملهائي وئي، حاجين شيطان کي پٿريون هنيون

رياض (م ڊ) سعودي عرب ۾ حاجي سڳورا وقوف عرفه ۽ مزدلفله ۾ رات گذارڻ کان پوءِ منيٰ  پهتا. عيدالاضحيٰ جي پهرين ڏينهن حاجي سڳورا رمي ڪري رهيا هئا. رڳو وڏي شيطان کي پٿريون لڳايون ويون. رمي کان پوءِ حاجي سڳورا عبادت ۾ وقت گذاريندا. قرباني کان پوءِ حاجي سڳورا مٿو ڪوڙائي احرام جي حالت مان نڪري ويا.  ۽ طواف جي زيارت کان پوءِ رات منيٰ ۾ گذاريندا.واضح رهي ته گذريل سال جيان هن سال به عالمي ڪورونا وبا سبب محدود پيماني تي صرف 60 هزار ماڻهو حج جو فرض ادا ڪري رهيا آهن جن ۾ سعودي شهري ۽ سعودي عرب ۾ رهندڙ پرڏيهي شامل آهن.خاص انتظامن جي تحت رمي جمرات جي لاءِ سعودي حج واري وزارت طرفان حاجين کي پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ بند جراثيم کان پاڪ پٿريون  ڏنيون پيون وڃن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.