ڪراچي ۾ ڪورونا جي هاڪاري شرح 14 سيڪڙو کان وڌي وئي

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي، 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 14 ڏهائي 72 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي.صحت کاتي جي ترجمان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ 8 هزار 678 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 1 هزار 277 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي   تصديق ٿي. حيدرآباد ۾ 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس جي شرح 2.57 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي، حيدرآباد ۾ 1 هزار 167 ٽيسٽون ڪيون ويون، 30 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي. ڪراچي حيدرآباد کان سواءِ ٻين ضلعن ۾ ڪورونا مثبت اچڻ جي شرح 1 ڏهائي 61 سيڪڙو آهي، ڪراچي حيدرآباد کان سواءِ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ 9 هزار 704 ڄڻن جون ٽيسٽون ڪيون ويون، ڪراچي حيدرآباد کان سواءِ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ 156 ڄڻن ۾ ڪورونا مثبت اچڻ جي تصديق ٿي.سڄي سنڌ ۾ ڪورونا مثبت اچڻ جي شرح 7 ڏهائي 46 سيڪڙو ريڪارڊ ٿي، سنڌ ۾ گڏيل طور تي 19 هزار 655 ٽيسٽن مان 1467 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.