جوابدارن جي ڦرلٽ کانپوءِ مڙس سامهون عورت سان لڄالٽ

 

قصور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي ضلعي قصور جي تعلقي پتوڪي ۾ ڦورن جوڙي کان ڦر بعد مڙس جي سامهون ئي عورت کي لڄالٽ جو نشانو بڻائي ڇڏيو.

جمشير چڪ 24 جي رهواسي نديم پوليس وٽ دانهيو ته مان پنهنجي گهرواري سان گڏ عيد جي خريداري ڪري موٽر سائيڪل تي واپس ڳوٺ وڃي رهيو هيس ته رات جي وقت جمشير اڏي ڀرسان ٻن موٽر سائيڪل سوار ڦورن روڪي ڇڏيو.

هن ٻڌايو ته ڦورن گن پوائنٽ تي ٻنيءَ ۾ وٺي وڃي روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦرڻ سان گڏ زال جي ڪَنن مان سونيون واليون به زبردستي لاهي ورتيون، پوءِ انهن منهنجي سامهون گهرواري کي لڄالٽ جو نشانو بڻايو.

پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

هوڏانهن ڊي پي او قصور واقعي کي انتهائي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو ته ڊي ايس پي جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.