سنڌ ۾ برساتن جو الرٽ جاري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم اي سنڌ طرفان برساتن جي حوالي سان الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.

پي ڊي ايم اي طرفان جاري ڪيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي، ميرپورخاص ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ هلڪي برسات جو امڪان آهي پر صوبي جي ٻين حصن ۾ موسم خشڪ ۽ گرم رهندي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته هوا جي گهٽ دٻاءَ سبب 23 جولاءِ کان برسات جو سلسلو سنڌ ۾ دخل ٿيندو، 23 کان 25 جولاءِ تائين ٿرپارڪر، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص ۾ کنوڻ سان گڏ تيز برساتن جو امڪان آهي.

الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته 24 کان 26 جولاءِ تائين ڪراچي، حيدرآباد، بدين، ٺٽي، شهيد بينظير آباد، سکر، لاڙڪاڻي، گهوٽڪي، ڪشمور، خيرپور، دادو، ڄامشوري، ٽنڊي الهيار ۽ قمبر شهدادڪوٽ جي ضلعن ۾ برسات جو امڪان آهي.

پي ڊي ايم اي صوبي جي سڀني ضلعن جي ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ڊي ڊي ايم اي چيئرمين کي خط جاري ڪندي چيو آهي ته سمورن انتظامن کي مڪمل ڪيو وڃي، مشينري ۽ عملي کي ايمرجنسي بنيادن تي الرٽ رکيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.