گوشت کائيندڙن لاءِ ضروري هدايتون

 

ڪنهن به شئي جي زيادتي نقصانڪار هوندي آهي ۽ عيد الاضحيٰ جي موقعي تي به اهو ئي معاملو هوندو آهي، جڏهن ماڻهو گوشت جو وڌيڪ استعمال ڪري پنهنجي لاءِ مسئلا پيدا ڪندا آهن.

غذا ۾ گوشت جو استعمال جيتوڻيڪ پروٽين، آئرن، وٽامنز ۽ معدني طاقت فراهم ڪري ٿو پر ان جي زيادتي مختلف بيمارين جو سبب به بڻجي سگهي ٿي.

قرباني جي عيد کانپوءِ عام طور گهرن ۾ ڪيترائي هفتا ۽ مهينا گوشت فريز ڪيو ويندو آهي پر ائين ڪرڻ سان ان ۾ جراثيم پيدا ٿي سگهن ٿا، ان ڏس ۾ طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته گوشت کي 3 هفتن کان وڌيڪ فريز نه ڪرڻ گهرجي.

ماهرن موجب خوراڪ ۾ روز صحت لاءِ 90 گرام ۽ هفتيوار 500 گرامن تائين گوشت کائي سگهجي ٿو پر ان کان وڌيڪ گوشت کائڻ صحت لاءِ مسئلا پيد اڪندو.

ماهرن جو چوڻ آهي ته گوشت جو گهڻو استعمال ڪوليسٽرول، چرٻي، فلڊ پريشر ۽ پيٽ جي مرضن ۾ واڌ جو سبب بڻجي ٿو، جنهن سان مدافعتي قوت ۽ صحت بري طرح متاثر ٿيندي آهي.

عيد الاضحيٰ کانپوءِ ماڻهن ۾ قبض سميت پيٽ جا ٻيا مرض به وڌي ويندا آهن، جنهن جو هڪ ڪارڻ گوسٽ جو گهڻو استعمال به ٿي سگهي ٿو.

ماهرن موجب ڪنهن به پريشاني کان بچڻ لاءِ عيد جي ڏينهن ۾ کاڌن سان گڏ ٿڌين شين جهڙوڪ ڏهي، رائتي، سلاد سان گڏوگڏ رات جو سمهڻ کان اڳ اسپغول جو استعمال فائديمند ثابت ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.