”عمران خان جي فون هيڪ ڪرڻ مهل نواز شريف جي حڪومت هئي“

 

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته جڏهن عمران خان جي فون هيڪ ڪئي وئي، ان وقت ملڪ ۾ نواز شريف جي حڪومت هئي.

فيصل آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فرخ حبيب چيو ته مودي جو جيڪو نيٽ ورڪ سامهون آيو، ان ۾ نواز شريف جو نالو ڇو اچي رهيو آهي؟ ججن جون فونون ٽيپ ڪرائڻ انهن جي تاريخ رهي آهي ۽ مودي جي نواز شريف سان دوستي هئي.

هن چيو جڏهن عمران خان جي فون هيڪ ڪئي وئي ته نواز شريف جي حڪومت هئي، مودي اپوزيشن جون فونون هيڪ ڪري رهيو هو، نواز شريف وڌيڪ ڪنهن ڪنهن مقصد لاءِ مودي جي مدد حاصل ڪئي هوندي؟

سندس چوڻ هو ته جواب کپن، ان معاملي تي انهن کي خاموشي اختيار ڪرڻ نه ڏينداسين.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڀارت طرفان اسرائيلي جاسوسي نظام ذريعي وزيراعظم عمران خان ۽ ڪابينا ميمبرن جون فونون هيڪ ڪرڻ جي ڪوشش جو انڪشاف ٿيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.