سعودي عرب سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اڄ عيد الاضحيٰ ملهائي وئي

جده(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب، متحده عرب امارات، جاپان، انڊونيشيا، ڪينيڊا، آمريڪا ۽ برطانيا سميت مختلف يورپي ملڪن ۾ اڄ عيد الاضحيٰ ملهائي پئي وڃي.

مسجد الحرام، مڪي شريف ۽ مسجد نبوي، مدينه منور ۾ ڪورونا وبا بابت احتياطي تدبيرن تي عمل ڪندي عيد جي نماز ادا ڪئي وئي آهي جڏهن ته سڄي سعودي عرب ۾ سنت ابراهيمي تي عمل ڪندي قرباني جو سلسلو جاري آهي.

منيٰ، مڪي شريف، جده، مدينه منوره ۽ سعودي عرب جي ٻين شهرن خاص ذبح خانن جو بندوبست ڪيو ويو آهي.

متحده عرب امارات ۾ به عيد نماز جا اجتماع ٿيا جنهن جي پوءِ کان اُتي جي سرڪاري ذبح خانن ۾ قرباني ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.