سعودي جي جيلن ۾ قيد پاڪستاني عيد کان اڳ پنهنجي پيارن وٽ پهچي ويا

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي جيلن ۾ قيد 63 پاڪستاني آزادي ماڻڻ کانپوءِ واپس وطن پهچي ويا.

وزيراعظم عمران خان جي درخواست تي سعودي عرب جي شاهه سلمان بن عبدالعزيز سعودي عرب جي جيلن ۾ قيد پاڪستانين جي آزادي جو حڪم ڏنو هو، جنهن تي مختلف جيلن ۾ قيد 63 پاڪستانين کي آزاد ڪيو ويو.

اڄ ٽي پيهري مهل پي آءِ اي جي خاص اڏام پي ڪي 9728 آزادي ماڻيندڙ پاڪستانين کي کڻي اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهتي، جتي اختيارين وطن پهچندڙ شهرين جي آجيان ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.