عيد نماز دوران افغان صدارتي محل ڀرسان راڪيٽ حملا

 

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ صدارتي محل ڀرسان ڪيترائي راڪيٽ ڪِرڻ جا اطلاع آهن.

ٻڌايو ويو آهي ته اهي راڪيٽ اهڙي وقت ڪِريا، جڏهن صدر اشرف غني سميت ٻيا اهم عهديدار صدارتي محل ۾ عيد الاضحيٰ جي نماز ادا ڪري رهيا هئا.

في الحال اها خبر ناهي پئجي سگهي ته اهي حملا ڪنهن ڪيا.

افغان گهرو وزارت جي ترجمان مير واعظ ستانڪزئي موجب 3 راڪيٽ صدارتي محل ڀرسان ڪِريا.

واضح رهي ته افغانستان مان پرڏيهي فوجون نڪرڻ کانپوءِ ڪيترن ئي صوبن ۾ حڪومتي فورسز ۽ طالبان ۾ ويڙهه جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.