سون کي پَر لڳي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون اگهن ۾ واڌ جو سلسلو اڄ به جاري رهيو.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت ۾ 700 رپيا واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت هڪ لک 10 هزار 600 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 600 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 94 هزار 822 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 19 ڊالر واڌ سان 1823 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.