ڪراچي ۾ پوليس انسپڪٽر پنهنجي ئي پٽ هٿان قتل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪورنگي مهراڻ ٽائون واري علائقي ۾ انوار العلوم مدرسي جي ڀرسان فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو.

واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس واقعي تي واري هنڌ پهتي ته خبر پئي مارجي ويل شخص پوليس آفيسر آهي. مقتول پوليس انسپڪٽر درخشان ٿاڻي ۾ مقرر هو.

پوليس موجب مقتول کي سندس پٽ گهرو جهيڙي دوران فائرنگ ڪري ماري ڇڏيو آهي. مقتول ديدار عباسي ڪلري چاڪيواڙا ۽ آرام باغ ٿاڻي ۾ ايس ايڇ او جا فرض به انجام ڏئي چڪو آهي.

پوليس موجب انسپڪٽر ديدار عباسي گذريل رات گهرو جهيڙي تي پنهنجي پٽ ڪامران عباسي کي مارڪٽ ڪئي هئي جنهن تي هن ڪاوڙ ۾ اچي پيءُ کي گولي هڻي ڇڏي.

ايس ايڇ او ڪورنگي انڊسٽريل ايريا عنايت الله مروت موجب مقتول ٻه شاديون ڪيون هيون پهرين زال اڳاڻي ڳوٺ ۾ جڏهن ته ٻي زال مهراڻ ٽائون ۾ گڏ رهندي هئي. جوابدار پٽ ڪامران عباسي پهرين زال مان هو. هن جو ڪيترن ئي ڏينهن کان گهرو ۾ جهيڙو هلي رهيو هو.

سومر جي رات به انسپڪٽر عباسي جو پٽ سان جهيڙو ٿيو ۽ پيءُ پٽ کي مارڪٽ ڪئي ۽ چيو ته هاڻ تو ڳوٺ وڃ هن گهر ۾ تنهنجي لاءِ گنجائش ناهي.

پٽ (اربع ڏينهن) اڄ صبح 7 وڳي پيءُ کي سندس ئي سرڪاري پستول سان فائرنگ ڪري ماري وڌو. مقتول کي هڪ گولي هٿ ۽ ٻي مٿي ۾ لڳي. جوابدار وادارات جي فوري بعد پيءُ جو سرڪاري پسٽل کڻي واقعي واري هنڌان فرار ٿي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.