قومي ڪرڪيٽ ٽيم مانچسٽر ۾ عيد نماز ادا ڪئي

 

مانچسٽر (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جا رانديگر پنهنجن کان پري انگلينڊ ۾ عيد الاضحيٰ ملهائي رهيا آهن.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ ۾ موجود آهي، جتي اڄ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي آخري ميچ کيڏي ويندي.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن مانچسٽر جي هوٽل ۾ عيد نماز ادا ڪئي، جتي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد خطبو ڏنو ۽ ان جي ئي امامت ۾ رانديگرن نماز پڙهي، جنهن کانپوءِ انهن هڪٻئي کي ڀاڪر پائي مبارڪون ڏنيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.